لاهور (م ڊ) پنجاب جي نگران حڪومت پرويز الاهي کي بري ڪندڙ جج تي سياسي وابستگي جي بنياد تي فيصلو ڏيڻ جو الزام هڻي ڇڏيو آهي. ان ڏس م پنجاب جي سڌ سماءُ بابت نگران وزير عامر مير چيو آهي ته پرويز الاهي کي هڪدم رليف ڏيندڙ جو سياسي لاڳاپو آهي. پرويز الاهي کي ڪيس مان ڊسچارج ڪرڻ وقت جج حقيقتن تي نظر نه  وڌي، سندس سياسي وابستگي واضح آهي. هن چيو ته سياسي لاڳاپن وارو جج ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن جا ڪيس ٻڌي رهيو آهي ۽ فيصلا پيو ڏئي.