اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج جي عدم دستيابي سبب اڳوڻي وزيراعليٰ پنجاب چوڌري پرويز الاهي کي سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ داخل ڪيس جي چالان جون ڪاپيون نه ملي سگهيون، پرويز الاهي هفتي ۾ ٻه ڀيرا ملاقاتن جي درخواست به ڪري ڇڏي، عدالت چيو ته جيل مان جواب اچي ته پوءِ ان معاملي کي ڏسون ٿا، نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 21 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.