لاهور (م ڊ) ق ليگ اڳواڻ ۽ وزيراعليٰ پنجاب جي اميدوار چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته جهازي سائز جي ڪابينا سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي کُليل ڀڃڪڙي آهي، وقتي وزيراعليٰ اقتدار بچائڻ لاءِ پنجاب حڪومت جي خزاني جو منهن کولي ڇڏيو، چوڌري پرويز الاهي پنجاب ڪابينا جي حلف کي عدالتي فيصلي جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ۽ چيو ته حمزه جي ڪابينا جو حلف ڪنهن مذاق کان گهٽ ناهي، هر ٽن مان هڪ شخص کي وزير بڻايو ويو آهي، 63 وزيرن يا وزير جي برابر مراعتون ڏئي وقتي وزيراعليٰ سپريم ڪورٽ جي حڪم جو مذاق اڏائي رهيو آهي.