اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ  ۾ اڳوڻي وڏي وزير پنجاب چوڌري پرويز الاهي جي گهرواري قيصرا الاهي پنهنجي مڙس جي ضمانت ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواست داخل ڪئي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته پرويز الاهي کي عدالت جي سامهون پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گرفتاري کان روڪيو وڃي، پرويز الاهي جي ضمانت منظور ڪئي وڃي.