پروفيسر شيام داس جوشي: ودوان، ترجميڪار، ليکڪ

0
58
پروفيسر شيام داس جوشي: ودوان، ترجميڪار، ليکڪ

 پروفيسر شيام داس جوشي جي من ۾ ساميءَ وانگر ويدانتي واڻي  ڌرتيءَ جي ڊگهي تاريخ ۽ پراچين دور کان به آڳاٽي سڀيتائي سوچ ويچار جو پڙاڏو بڻجي گونجندي هئي پر هن ڪڏهن سامي کان سام نه ورتي. هو سنڌ جي ‘سئنڌ ورڻيه’ برهمڻن جي انهيءَ شاخ سان تعلق رکندو هو، جنهن کي ‘پشڪرڻا برهمڻ’ به سڏيو ويندو آهي. هن جا وڏا صدين جي سفر ۾ ننگر ٺٺي کي ڇڏي عمرڪوٽ ۾ اچي آباد ٿيا، جتان سوڍن جي صاحبيءَ دوران عمرڪوٽ لڳ ڳوٺ وهري وٽ ‘برهم  ڀوجن ’جي آڙ ۾ ‘برهم هتيا’ جي واقعي تي سوڍن جي ‘گرو  يجماني’ جو  بائيڪاٽ ڪري مٺي پهتا. واريءَ جي دڙن جي وچ ۾  آباد مٺيءَ جي شهر هن جي هر پيڙهي کي پيار ڏنو، مان ۽ مريادا سان پنهنجائپ ارپي پنهنجو ڪيو.

                 پروفيسر شيام داس جوشي صحرا جي سانجهيءَ ۾ آڪاش ڏانهن نهار وجهندو هو ته اڀ جا نوَ لک تارا ڏيئن وانگر ٻرندي محسوس ٿيندا هئا ۽ ڀرسان سهائي پک ۾ چندرما پرڪرتي جو پوڄاري لڳندو هو. هن جي تحت الشعور ۾ تري  ايندي هئي قديم ديو مالائي ڪٿا، جنهن موجب چنڊ کي به مانس ديهي هوندي هئي، هو ‘پرش ۽ پرڪرتي’ جا گيت سرجيندڙ ڪوي هوندو هو پر ڪنهن ڳالهه تان هن کي پاروتي سراپ ڏنو، انهيءَ کان پوءِ مانس ديهي مان گرهه بڻجي ڀٽڪي رهيو آهي. هو پرهه ٽاڻي مندر جو گهنڊ وڄائي آرتي جو آرنڀ ڪرڻ کان اڳ ۾ پاريهر جي ڳٽ ڳٽ ۽ مورن جا ٽهوڪا ٻڌندو هو.  ڳيرن جي ‘گهگهوگهو’ هن کي روي شنڪر جي ستار کان به مٺي لڳندي هئي. پرڀات جي پاڪ پويتر منظرن سان هن جي سيتل آتما  ۾ هڪڙي تازگي ۽ توانائي واري تحرڪ پيدا ٿي پوندي هئي. هو پنهنجي من جي سانوريئي جي سار ۾ ‘گوپي گيت’ ڳائيندو ‘پوڄا پرڻام’ ڪرڻ جي لاءِ پنڌ پوندو هو. هن جي پراٿنا جا پهرين ٻول هوندا هئا ته؛

‘تمسو  ما جيوتر گميه’

(مون کي انڌڪار مان ڪڍي پرڪاش ڏانهن وٺي هل).

پروفيسر شيام داس جوشي نه رڳو ڪوي ڪاليداس ۽ ڀرتري هري جي  ڪوتا جي ٻولي سنسڪرت کي ڄاڻيندو هو پر ڀڳتي تحريڪ جي ڪوي سنت تلسيداس جي ٻولي ‘اوڌي ڀاشا’،  سنت سورداس ۽ بهاري لال جي ٻولي ‘برج ڀاشا’، نرسي مهتي جي ٻولي گجراتي، ميران ٻائي جي ‘راجسٿاني’، وديا پتي جي ٻولي ميٿلي، جئديو جي  ٻولي هندي، وليم شيڪسپيئر جي ٻولي  انگريزي، امير خسرو جي ٻولي ريخته ۽ مرزا  غالب جي ٻولي اردوءَ سميت مختلف ٻولين تي پوري ريت دسترس رکندو هو. هن مختلف ٻولين مان پنهنجي پسند جي شاهڪار ڪتابن کي ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ وجهڻ سان گڏ پنهنجي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي سان طبعزاد  ڪتاب پڻ لکيا. هو پنهنجي دور جو  وڏو ڌرمي اسڪالر، مترجم،  ليکڪ، تعليمدان، ماحول دوست ۽ سماج سڌارڪ هو.

پروفيسر شيام داس جوشي روايتي پنڊتن وانگر رڳو ‘ڌرم جي ڪڙي’ ۾ بيهي شاسترن جي ‘سمتو يوگ’، ‘ڪرم يوگ’، ‘وشو ڀاونا، ‘لوڪ هت’ ۽ ‘شيل’جي سکيا تي زور نه ڏيندو هو پر جديد دور جي علمن جي آرسي ۾ ماڻهو جي ذهني سگهه، سماج جي صورت ۽ بين الاقوامي ڀائيچاري بابت ودوانن جي ويچارن کي مطالعي هيٺ آڻڻ جي لاءِ پنهنجن پڙهندڙن ۽ شاگردن کي اتساهيندو هو. پروفيسر  شيام داس پنهنجي مزاج ۾ ٿورو سخت ضرور هو پر پنهنجي سوچ ويچار ۽ نڪتهء نظر سان اختلاف راءِ رکڻ جي کليل دل سان اجازت ڏيندو هو ۽ موٽ ۾ پنهنجو موقف به مناسب لفظن ۾ پيش ڪندو هو. هڪ  انسان جي حيثيت سان زندگي جي سفر ۾ ڪميون ڪوتاهيون پروفيسر شيام داس جوشي کان به ٿيون هونديون پر مجموعي طور تي هو مريادا ۽ ماڻهپو رکندڙ با اخلاق انسان هو.

پروفيسر شيام داس جوشي کي ڪاليداس کان وٺي ڀڳت ڪبير تائين، ڀڳت ڪبير کان وٺي شاهه لطيف ۽ شيخ اياز تائين ننڍي کنڊ جي اوچ ڪوٽي ڪوين جي ڪوتا ۾ هڪ ئي پريم جو پيغام مليو.  هو پنهنجي ڪل ڄمار جي پورهئي ۽ پنڌ سان پيار ڪري شيخ اياز جي ٻولن ۾ چوندو هو ته؛

وڃان ٿو وينجهار، ڏئي موتي اڻ ميا،

صديون پيا سنجهبا، جن جا ڍير هزار،

ٻڏي سوچ ويچار، پرکيندا مون پارکو.

پروفيسر شيام داس جوشي ڀڳتي تحريڪ جي هُن ڪوي جي جڳ مشهور تخليق ‘رام چرت مانس’ جو سنڌي ترجمو ڪيو، جنهن جو  هڪ دوهو صدين کان وٺي سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ سون وانگر چمڪندو رهيو آهي ته؛

تلسي ايسي پريت نه ڪريو، جيسي لمبي کجور،

ڌوپ لگي تو ڇائون نهين، بوک لگي تو  ڦل دور.

هن رام چريت مانس جي ٻن ڀاڱن سان گڏ سنت موراري ٻاپُو جي رامائڻ جي اڀياس کي سنڌي ويس ڍڪايو، پر هن جي ناماچاري شريمد ڀڳونت گيتا جي انهيءَ ترجمي سان ٿي، جنهن ترجمي ۾‘شريمد ڀڳونت گيتا’ جو اصل سنسڪرت وارو شلوڪ سنڌي لپي ۾ ڏيئي هيٺ ترجمو ۽ سمجهاڻي ڏني ويئي آهي. پروفيسر شيام داس جوشي ڄاڻندو هو ته ڀڳت ڪبير اها سٽ ڪهڙي ڪيفيت ۾ چئي آهي ته؛

نرگن ڪي آگي سرگن ناچي، باجي سوهنگ تورا

پر پاڻ ‘سرگن’ ڀڳتي جو شيوڪ هو، ميران ٻائي وانگر نند گوپال جي نينهن ۾ بي چين تي آلاپيندو هو ته؛

اي اوڌو! همين شيام سُندر ملادي،

شيام همري جان هي. شيام همري هرديه بست هي

شيام همرا پِراڻ هي

مٺيءَ جي هن وڏي  ودوان، ترجميڪار ۽ ليکڪ پروفيسر شيام داس جوشي 15 مئي  1930ع تي مٺي ۾ پُشڪرڻا برهمڻن جي پراشر گوتر  سان تعلق رکندڙ اَمولک داس چهوٽيا جوشي جي گهر ۾ جنم ورتو.  هن ابتدائي تعليم پنھنجي اَباڻي شهر مٺي مان حاصل ڪئي پر مئٽرڪ جو امتحان هن بمبئي يونيورسٽي مان  پاس ڪيو. هن کي پهرين سرڪاري نوڪري روينيو کاتي ۾ ملي هئي پر هن وڌيڪ ‘پڙهڻ ۽ پڙهائڻ’ کي اوليت ڏيندي اتي گهڻو وقت ٽڪاءُ نه ڪيو. گورنمينٽ ڪاليج ميرپورخاص، لا ڪاليج حيدرآباد ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ ريگيولر شاگرد رھي ايم ايس سي، ايل ايل بي، ايم اي اڪانامڪس ۽ ايگريڪلچر اڪنامڪس ۾ ايم. اي جون ڊگريون حاصل ڪري اچي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو. اتان وري سنڌ گورنمينٽ جي سنڌ يونيورسٽيءَ سان جڙيل ڪاليجن ۾پروفيسر مقرر ٿيو، پهرين گورنمينٽ ڪاليج ٽنڊو جان محمد ۽ پوءِ گورنمنيٽ ڪاليج مٺي بدلي ٿي آيو. مٺي ڪاليج ۾ پرنسپال جي ذميواري ڏني ويئي. مٺي ڪاليج جي پرنسپال جي  حيثيت ۾ علم جي آبياري ڪرڻ سان گڏ ڪاليج جو وسيع پلاٽ مخصوص ڪرائي وڻن جون قطارون پڻ لڳرايون. 1982ع ۾ هن مٺي ڪاليج جي پرنسپال جي حيثيت ۾ سرڪاري نوڪري تان رٽائرمينٽ ورتي پر هن عملي طور پنهنجو پاڻ کي ڪڏهن ‘رٽائر’ محسوس نه ڪيو. هن پنهنجي ‘سيڪنڊ جاب’ طور سماجي اڳواڻ نند لال نندن ۽ ڊاڪٽر هرچند راءِ سان گڏجي سماجي سڌاري جي جستجو ڪرڻ ۽ ڌرمي گيان ڌيان جي پرچار ڪرڻ، لکڻ پڙهڻ ۾ اڳي کان اڳرو ٿي خدمتون ارپڻ شروع ڪيون.

آئون جڏهن هاءِ اسڪول مٺي ۾ پڙهندو هوس، تڏهن پروفيسر شيام داس جوشي مٺي جي ڪرشنا مندر ۾ شريمد ڀڳونت گيتا جو گيان  ڏيندو هو. انهن ڏينهن ۾ ارجن ڀڳت به مٺي ۾ متعارف ٿيو هو ۽ ‘پريا درشي اشوڪا’ جو به مٺي ۾ ليڪچر رکايو ويو هو، جنهن جو گهڻن ڏينهن تائين تذڪرو پيو هلندو هو. اشوڪا کي ننڍي کنڊ جي ڪلاسيڪل شاعري گهڻي ياد هئي. سائين پروفيسر شيام داس جوشي جي گيان ڏيڻ جو پنهنجو رنگ هوندو هو. پروفيسر شيام داس ڪلاسيڪل شاعري سان گڏ ڌرمي پشتڪن جا حوالا ڏيئي چوندو هو  ته، “پهرين انسانيت سان پيار ڪريو، پوءِ شيوا ڪريو، انهيءَ کان پوءِ اپديش ڪريو. هر ڪنهن جي لاءِ ديا ڪرپا ۽ آشيرواد رکو، پوءِ پاڻ کي پاڻ ٺاهيو”.

منهنجي پروفيسر شيام داس سان پهرين ملاقات مٺي جي ڪرشنا مندر ۾ ٿي هئي پر تفصيلي ڪچهري هن جي گهر ٿي هئي. انهن ڏينهن ۾ مون تازو ايس ايس ساردا ۽ دليپ بوس جو لکيل ڪتاب ‘گيتا- هڪ اڀياس’ پڙهيو هو، جنهن جو سنڌي ترجمو سائين وليرام ولڀ ڪيو هو، هن ڪتاب ۾ ‘شريمد ڀڳونت گيتا’ جي حوالي سان ڪڙي تنقيد ٿيل  هئي. ڪچهري ۾ مون  انهيءَ ڪتاب ۾ اٿاريل   نڪتن جي حوالي سان ڪيترائي تکا سوال ڪيا هئا پر سائين پروفيسر شيام داس جوشي انتهائي پيار، پنهنجائپ، شائستگي سان جواب ڏنا. هن  ٻڌايو ته انهيءَ تنقيد جي جواب ۾ مون هڪ ليک به تيار ڪيو آهي. موڪلائڻ وقت هن ‘گيتا- هڪ اڀياس’ جي جواب ۾  پنهنجي تنقيدي ليک سان گڏ ڊاڪٽر مرلي ڀاوناڻي جي ٿري ٻولي تي ٿيل تحقيق (پي ايڇ ڊي مقالي جي ڇپيل ڪتاب) ‘سنڌي ۽ ٿري’ جي ڪاپي ڏني.

پروفيسر شيام داس جوشي ناليواري عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سميت مختلف سنڌي اديبن، عالمن سان هندي، ديوناگري ۽ سنسڪرت سميت مختلف ٻولين ۾ سنڌ جي تاريخ، تهذايب، ادب ۽ آرٽ بابت لکيل مواد کي سنڌي لپي ۾ اتارڻ ۽ ترجمي ڪرڻ ۾ وڏو سهڪار ڪيو. خاص طور قاضي قاضن جو ڪلام، جيڪو ديو ناگري  لپي ۾ مليو هو. 1992ع کان 1998ع تائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي پروفيسر شيام داس جوشي سان خط و ڪتابت رهي. نامياري اديب تاج جويي سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري جي سيڪريٽري شپ دوران مختلف وقتن تي پروفيسر شيام داس جوشي کان ضرورت پوڻ تي سنسڪرت، هندي ۽ ديوناگري جي حوالي سان مدد ورتي. پروفيسر شيام داس تاج جويي کي خط لکي سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان صلاحون به ڏيندو هو. پروفيسر شيام داس جوشي سوڍن جي صاحبي تي ‘سنڌ جي سوڍن راجپوتن جي اتهاس جي هڪ جهلڪ’ جي عنوان سان هڪ تحقيقي مقالو پروفيسر شڪتيڏان چارڻ جي ڪتاب ‘سوڍائڻ’ جي آڌار لکيو،  جنهن ۾ ڪوي چمن چارڻ ۽ بانڪيداس چارڻ جي ڪوتائن جو به تذڪرو آهي. پروفيسر شيام داس پڙهڻ ۽ پڙهائڻ کان وٺي کيرٿر کان کير ٿل، اوڙ کان اجنا تائين ننڍي کنڊ جي سنياسي ساڌوئن، سنتن ۽ صوفين جي آستانن تائين جيڪي پنڌ ڪيا، جيڪي اوجاڳا ڏٺا، جيڪي خوشيون، غميون سٺيون، جيڪي تلخيون پاند ۾ پاتيون، انهن سميت جيون جا سمورا رنگ روپ دک، سک، سنگ سفر پنهنجي آتم ڪهاڻي جي ڪتاب ‘منهنجي ڪهاڻي منهنجي زباني’ ۾ قلمبند ڪيو آهي.

پروفيسر شيام داس جوشي عمر جي پوئين حصي ۾ هولي جي ٿلهي جي ڀر سان مٺي ۾ ‘وان پرست’ آشرم ٺهرايو، شانتي نڪتين  اڀياسي جوڙي. آئون وان پرست آشرم جي ڀر سان ڪيترائي ڀيرا گذريس، پر منهنجو ڪڏهن اتي وڃڻ نه ٿيو، مون جڏهن هن کي آخري ڀيرو ڏٺو هو، تڏهن پنهنجي گهر ۾ رهندو هو، هڙڪ هلي رهيو هو. وان پرست آشرم ۾ رهندي طبيعت جي ناچاڪي سبب هن وڏي پيڙا ڀوڳي پر هن جو پنهنجي من تي وڏو ضابطو هوندو هو. ڪڏهن عليل ٿي اداس نه ٿيو. جيستائين ممڪن ٿي سگهيو، تيستائين آتمڪ سچاين ۽ وجود جي رچنا جي معنا تلاش ڪري ذهنن کي جلا  بخشيندو رهيو. سوچ سمجهه ۽ ڏاهپ جي بي بها هيرن موتين کي پرکي روحانيت جي رمز ۾ ورهائيندو رهيو. گذريل سال مارچ مهيني ۾ ساهه جي ڏوري ٽُٽي پئي.