ٽنڊوالھيار (رپورٽر) ٽنڊي الهيار ۾ گرلز اسڪول جي شاگردياڻين کان ٻهارو ڏيارڻ ۽ صفائي جو ڪم وٺن بابت پهنجي اخبار جي خبر لڳڻ تي ٽيم اسڪول پهچي ويئي. گورنمينٽ گرلز اسڪول جي ويڊيو واري معاملي تي جوڙيل ٽيم اي ڊي سي ٽو جي نگراني ۾ گرلس اسڪول پهتي جتي جاچ ٽيم سامھون شاگردياڻين شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا. جانچ ٽيم سامھون مختلف ڪلاس جي شاگردياڻين پرنسپال خلاف شڪايتون ڪندي چيو ته پرنسپال کائڻ لا۽ ورتل شيون ڦري ڪتن ۽ ڪانگن کي ڏياريو ڇڏي ٿي. پرنسپال شڪايت ڪرڻ جي صورت ۾ اسڪول نيڪالي جون ڌمڪيون ڏئي ٿي ۽ اسان کان اسڪول جي صفائي ڪرائي ٿي وڃي سزا طور ڪلاس سامھون بيھاريو ٿو وڃي هنن وڌيڪ چيو ته اسڪول ۾ والدين کي گھرائي تذليل جو نشانو بڻايو ٿو وڃي. پرنسپل کي فوري طور بدلي ڪري تعليم کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي.