پردي پٺيان ڳالهين جو نتيجو نه نڪتو: عمران مولانا فضل الرحمان لاءِ پيغام موڪلي ڇڏيو

0
18
پردي پٺيان ڳالهين جو نتيجو نه نڪتو: عمران مولانا فضل الرحمان لاءِ پيغام موڪلي ڇڏيو
پردي پٺيان ڳالهين جو نتيجو نه نڪتو: عمران مولانا فضل الرحمان لاءِ پيغام موڪلي ڇڏيو

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان لاءِ پي ٽي آءِ باني ڪجهه هدايتون ڏنيون، اُهي مولانا تائين پهچائينداسين، مولانا فضل الرحمان جي عزت ڪريون ٿا، چاهيون ٿا هو به اپوزيشن جي اتحاد ۾ شامل ٿئي، اڊيالا جيل ۾ باني سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته باني سان اڳتي جي لائحه عمل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، باني کي پارٽي مان ڪا به شڪايت ناهي، نياز الله نيازي کي باني جو ترجمان مقرر ڪيو ويو، بشريٰ بي بي به پنهنجا چار فوڪل پرسن مقرر ڪيا آهن، ڪجهه ماڻهن وڪالت وسيلي پنهنجو سياسي قد وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته پردي پويان ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، پهرين ڳالهيون شروع ٿيون هيون پر اُنهن جو ڪو نتيجو نه نڪتو، حڪومت ڳالهيون جاري رکڻ ۾ ناڪام رهِي، ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿيڻ گهرجي ها، سياسي مسئلن جو سياسي حل ڪڍڻ گهرجي.