پردي جي پويان ڇاھي؟

0
63
پردي جي پويان ڇاھي؟

 پيپلز پارٽيءَ کي پوري ۽ پڪي پروڙ ھجڻ کپندي ھئي تھ جماعت اسلامي ھن سان گڏجي ڪراچيءَ ۾ سٽي سرڪار نھ جوڙيندي. ان جو ڪارڻ صرف اھو ناھي تھ جماعت اسلاميءَ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي امڪاني اتحاد خلاف سوشل ميڊيا آگ اوڳاڇڻ شروع ڪري ڏني ھئي. جڏھن ڪنھن سوشل ميڊيا تي بلاول ۽ سراج الحق جي پراڻي ملاقات کان پوءِ ميڊيا تي جاري ٿيل خبر جي تصوير رکي تھ جماعت اسلاميءَ مٿان لبرل حلقن پاران ملامتن جو مينھن وسائڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويو. جڏھن تھ “پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي گڏجي ڪرپشن خلاف جدوجھد ڪنديون” وارو بيان ان وقت جو ھو، جڏھن بلاول پي ڊي ايم خلاف بغاوت جو پرچم کڻي نڪتو ھو. مولانا فضل الرحمان مريم نواز جو مينٽور (Mentor) بڻيل ھو ۽ بلاول پنھنجي لاءِ الڳ مولويءَ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ جماعت جي مرڪز جو دورو ڪيو ھو ۽ ھن جماعت جي امير سراج الحق سان ملاقات ڪري ملڪ ۾ نئين سياسي تحريڪ جي ڪوشش ۾ ٻنھي پارٽين جي ڪردار جو تذڪرو ڪيو ھو. پر سوشل ميڊيا ھن مھل تائين تحقيق جي تميز سان آشنا نھ ٿي سگھي آھي. ان ڪري نئين کي پراڻو ۽ پراڻي کي نئون بڻائڻ واري ھن سدا سرگرم رھندڙ ميڊيا فوري طور تي اھي تصويرون ڊزائين ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون، جن جي ھڪ پاسي “جيڪ ڊينئل” ۽ ٻئي پاسي “روح افزا” جي بوتل ڏيکاريل ھئي.انھن ٻنھي مشروبن جو ميلاپ گھٽ ۾ گھٽ پاڪستان جي سياست ۽ سماج ۾ لڪ ڇپ سان ھلندو بھ رھيو آھي پر جڏھن معاملو ڪراچيءَ ۾ ميئرشپ لاءِ پيپلز پارٽيءَ ۽ جماعت اسلاميءَ جي اتحاد جو ھجي تھ اھو ڪنھن بھ صورت ۾ ممڪن ٿي نھ پئي سگھيو. ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽيءَ جماعت جي آفيس جو پنڌ ڪري پاڻ کي شرمسار ڪرڻ جي ڪوشش کان سواءِ ٻيو ڪجھھ نھ ڪيو.

ڇا پيپلز پارٽيءَ کي معلوم نھ ھو تھ جماعت اسلاميءَ ۽ انھن جي پارٽيءَ وچ ۾ صرف اھو تفاوت ناھي تھ پيپلز پارٽي ھڪ “لبرل” ۽ جماعت اسلامي ساڄي ڌر جي سخت انتھاپسند پارٽي آھي. ڪڏھن ڪڏھن ترڪيءَ جھڙي ملڪ ۾ اھي ٻيئي لاڙا ڪنھن طرح سان ھڪ ٻئي جي ويجھو اچي بھ وڃن ٿا پر اھو پاڪستان ۾ ڪنھن بھ طرح سان ممڪن نھ آھي ۽ خاص طور تي ان صورت ۾ جڏھن ڪراچيءَ جي سياسي صورتحال ۾ جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم جو پاڻ ۾ ڪڏھن بھ طئھ نھ ٿيندڙ تضاد آھي. پيپلز پارٽيءَ پنھنجي موجوده قيادت “آصف زرداري معنيٰ سڀني سان ياري” واري فڪر ۽ فلسفي کي کڻي جيڪا پيش قدمي ڪئي آھي، اھا صرف پي ڊي ايم جي سطح تائين سوڀ ماڻي سگھي آھي. پيپلز پارٽيءَ جي ٿنڪ ٽينڪ کي اھو معلوم ھجڻ گھرجي تھ ڪجھھ ميلاپ ممڪن نھ ھوندا آھن. خاص طور تي اھي ميلاپ جن ۾ ھڪ تھ ڪشش نھ ھجي ۽ ٻيو تھ انھن ميلاپن جي متضاد ڪي ٻيا تضاد انھن مٿان اثرانداز ٿيندا ھجن. ڪراچيءَ جي مخصوص ماحول ۾ جماعت اسلاميءَ ۽ ايم ڪيو ايم جي پاڻ ۾ ٻوٽي رجھي نھ ٿي سگھي. ڇو تھ ٻنھي جي وچ ۾ نھ صرف ڪيترن ئي لاشن جا ليڪا ڪڍيل آھن پر ھو ٻيئي ھڪ ٻئي جي ڀرپور مخالفت ڪنديون رھيون آھن. جماعت مجبوريءَ جي صورت ۾ پيپلز پارٽيءَ سان ھٿ ملائڻ جو سوچي بھ ھا پر جڏھن جماعت جي قيادت کان وٺي ڪارڪنن تائين سڀني کي معلوم آھي تھ پيپلز پارٽي سنڌ ۽ وفاق جي اقتدار ۾ ايم ڪيو ايم کي شريڪ ڪرڻ کان سواءِ ھلي نھ ٿي سگھي تھ اھڙي حال ۾ جماعت پيپلز پارٽيءَ سان ھٿ ڪيئن ٿي ملائي سگھي؟ جماعت اسلامي اھڙي تصوير کي پنھنجن تنظيمي حلقن ۾ ھضم ڪرائي نھ ٿي سگھي، جنھن تصوير ۾ بلاول وچ ۾ ويٺو پنھنجي مخصوص ادا سان مسڪرائي ۽ ھن جي ھڪ طرف حافظ نعيم الرحمان نماڻائيءَ سان ليدر جيڪيٽ سان براجمان ھجي ۽ ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جو اڳوڻو ميئر وسيم اختر فتح واري مسڪراھٽ مک تي سجائي ويٺل نظر اچي.جماعت اسلامي مسلسل سمجھوتي تي سياست ڪندي ھڪ نظرياتي ڇپ مان ھڪ سياسي ڀينڊ بڻي آھي، ھوءَ ھن وقت ڪنھن بھ صورت ۾ اھڙو سمجھوتو افورڊ ڪري نھ ٿي سگھي، جنھن سان ھن جي سياسي دنيا ۽ آخرت کي ايترو نقصان رسي جو ان جو مداوو ڪنھن بھ طرح سان ممڪن نظر نھ اچي. ان ۾ ڪو شڪ ناھي ۽ ڪنھن شڪ جي گنجائش بھ ڪونھي تھ جماعت اسلامي سياسي ۽ نظرياتي زوال جي علامت آھي. اھو سياسي زوال جيڪو پوري دنيا ۾ کاٻي ڌر کي ناقابل تلافي نقصان پھچائڻ جو سبب بڻيو، ان نقصان ساڄي ڌر کي نھ ڇڏيو. ڇو تھ سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ جيڪو طوفان ھليو ھو، ان ۾ سڀني جا ڏيئا گل ٿي ويا. اھي ڏيئا جن جي روشني ۾“سرخ سويري” جي سوچ سوچي ويندي آھي ۽ اھي چراغ جن جي جوت ۾ “سبز باغن” جا لھلھائيندڙ منظر دلين ۽ دماغن ۾ محفوظ ڪيا ويندا ھئا، اھي سڀ اھڙي طرح اجھامي ويا جو انھن لاءِ ذاتي ۽ خانداني زندگيون قربان ڪندڙ زندگيءَ جي ھڪ فيصلائتي موڙ تي بيھي سوچڻ لڳا ھئا تھ “ڇا ھي سڀ سپنو ھو؟” اھو سچ جيڪو ڪڏھن سپني جي صورت ۾ ماڻھن جي دلين کي موھي وٺندو ھو، ان پنھنجي پڇاڙيءَ ۾ پڇتاءَ جا جيڪا پاڇا پسايا، انھن صرف کاٻي ڌر وارن جي دلين کي درد نھ ڏنو پر ساڄي ڌر جي سياست ڪندڙ بھ سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ خوف ۽ افسوس سان سوچڻ لڳا ھئا تھ ھاڻي ھو ڇا ڪندا؟ ڪنھن پاسي وڌندا؟ اڳتي اڀ ڪپرو جبل آھي ۽ پويان تھ ھر شيءَ تالان والان ۽ تباھه برباد ٿيل آھي.

جماعت اسلاميءَ جي سياست پنھنجي ابتدا کان وٺي سمجھوتا ڪرڻ سبب تنقيد جي زد ۾ رھندي آئي آھي. جنھن وقت پاڪستان ٺھڻ کان 6 سال اڳ 1941ع ۾ برٽش انڊيا ۾ اخوان المسلمين جي طرز تي ھڪ اسلامي انقلاب برپا ڪندڙ پارٽيءَ جو بنياد رکيو ٿي ويو تھ ان مھل ان پارٽيءَ جي پھرين اجلاس ۾ ھڪ سئو فرد بھ شامل نھ ٿيا ھئا پر ننڍي کنڊ ۾ اھا پارٽي مذھبي حلقن ۾ حمايت حاصل ڪندي وئي. اھا پارٽي جنھن پنھنجي ابتدا ۾پاڪستان جي قيام کي غيراسلامي عمل قرار ڏنو ھو.جماعت اسلاميءَ قائد اعظم کي ڪڏھن بھ پسند نھ ڪيو ۽ نھ وري قائد اعظم جماعت اسلاميءَ ۽ ھن جھڙي ڪنھن مذھبي سياست ڪندڙ جماعت کي اھميت ڏني. قائد اعظم وٽ مسلمان قوم جو تصور اھو نھ ھو، جيڪو علامھ اقبال وٽ ھو. اھو ئي سبب آھي تھ مذھبي سياست ڪندڙ ڌريون پاڪستان جي پس منظر ۾ علامھ اقبال جي ڪلام تي فوڪس رکنديون آھن ۽ جڏھن انھن کان قائد اعظم جي باري سوال ڪيو ويو ويندو آھي تھ ھو“دراصل، جيئن تھ، درحقيقت وغيرھه”جھڙن لفظن ۾ منھن لڪائڻ جي ڪوشش ڪنديون آھن. جڏھن تھ قائد اعظم سدائين ڪڙڪي سان انھن ڌرين جي خلاف پنھنجو موقف بيان ڪيو، جيڪي مذھبي سياست سان معاشرن کي ورھائڻ ۽ وڙھائڻ جو ڪردار ادا ڪنديون رھيون آھن. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ پاڪستان کي نھ صرف قبول ڪندڙ پر پاڪستان جو مطلب ڇا؟ ٽائيپ نعرا ھڻندڙ جماعت اسلاميءَ جي مٿان پھرين وڄ ان وقت ڪري ھئي، جڏھن جماعت اسلاميءَ جي باني اڳواڻ مولانا مودوديءَ جماعت اسلاميءَ کي اليڪشني جماعت بڻائڻ جو فيصلو ڪيو. ان فيصلي سبب جماعت ۾ سڀ کان پھريان ۽ سڀ کان وڏا ڏار پيا ھئا ۽ پوءِ اھي ڏار مسلسل وڌندا ئي رھيا.

جماعت اسلاميءَ اوڀر پاڪستان ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اھو تاريخ ڪنھن بھ صورت ۾ فراموش ڪري نھ ٿي سگھي. ڇو تھ الشمس ۽ البدر جي نالي ۾ بنگالي عوام سان جيڪي ويل وھايا ويا، اھي ھن وقت تائين بنگال جي وطن دوست حلقن کان نھ وسري سگھيا آھن. ڪجھھ وقت اڳ بنگلاديش جي وڏي عمر وارن اڳواڻن کي ڪيس ھلائي جھڙي ريت موت جي سزا ڏني وئي آھي، اھو سڀ ڪجھھ اوڀر پاڪستان ۾ جماعت اسلاميءَ جي ڪردار جي ڪري ھو.جماعت اسلاميءَ پنھنجي منشور ۾ “سامراج دشمن” ھجڻ جي ھام تھ ھنئي آھي پر ھن آمريڪا مٿان سامراج ھجڻ جي آڱر ان مھل کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏھن آمريڪا جماعت مان پنھنجي مفاد جو ڪم ڪڍي کيس تاريخ جي ڊسٽبن ۾ اڇلايو. ھڪ وقت اھو ھو جڏھن آمريڪي پريسن مان جماعت اسلاميءَ جو لٽريچر شايع ٿيندو ھو ۽ جماعت اسلاميءَ مٿان آمريڪا جو آشيرواد مون سون جي مينھن وانگر وسندو ھو. جڏھن سوشلسٽ بلاڪ پنھنجي پيچيده عمل سبب ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿيو تھ جماعت اسلامي بھ پنھنجي سياسي جياپي جو جواز وڃائي ويٺي. اھا پارٽي جيڪا ڪڏھن ھر سوچيندڙ انسان جي اکين ۾ آڱريون ھڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ کي پنھنجو سڀ کان بنيادي فرض سمجھندي ھئي. جنھن جھاد جي نالي ۾ ھزارين خاندانن جي خوابن کي خاموش وادين ۾ دفن ڪري ڇڏيو. اھا جماعت جنھن جي شاگرد ونگ تعليمي ادارن ۾ سوچيندڙ نوجوانن کان تنظيم تھ ڇا پر تعليم جو حق کسي ورتو. اھا جماعت جنھن ھن ملڪ جي اڌ آباديءَ يعني عورتن کي پنھنجي مرضيءَ جي پردي پويان ڌڪي ۽ کيس قيدي بڻائڻ کي پنھنجي ڪاميابي سمجھيو ۽ اھا پارٽي جنھن سدائين آمرن جو ساٿ ڏنو ۽ عوامي امنگن جي خلاف انھن سرڪارن جو ساٿ ڏنو، جيڪي ماڻھن جي مٿان پنھنجي سوچ مسلط ڪنديون آھن. اھا پارٽي ڪنھن وقت ڪراچيءَ ۾ ناقابل تصور طاقت جي مالڪ ھئي ۽ ان پارٽيءَ کي پاڙن سميت پٽي اڇلائڻ ۾ اھم ڪردار ايم ڪيو ايم جو ھو. اھو ئي سبب آھي تھ جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ ڪڏھن بھ تر سڌا ٿي نھ سگھيا.

ڪراچيءَ جي سياسي تاريخ جي تناظر ۾ پيپلز پارٽيءَ کي اھو معلوم ھجڻ کپندو ھو تھ ھوءَ صوبائي ۽ وفاقي سطح تي ايم ڪيو ايم ۽ شھري سطح تي جماعت اسلاميءَ سان اتحاد ڪري نھ ٿي سگھي. ڇو تھ ڪجھھ تضاد ڪڏھن بھ حل ٿي نھ ٿا سگھن. پيپلز پارٽي ٻن متضاد قوتن کي پنھنجي اسڪيم سان ھلائڻ جو ان وقت سوچي بھ ڪيئن ٿي سگھي، جنھن صورت ۾ جماعت وٽ تحريڪ انصاف سان اتحاد جو آپشن موجود ھجي.تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلاميءَ ۾ پردي کان سواءِ ٻيو ڪھڙو اختلاف آھي؟ جماعت اسلامي پرديدار تحريڪ انصاف ۽ تحريڪ انصاف پردو نھ ڪندڙ جماعت اسلامي آھي. انھن جو پاڻ ۾ اتحاد بيحد فطري آھي.