ملڪاڻي شريف / پنگريو (نمائندن وٽان) پراڻ ڍوري کي 18ڏينھن گذرڻ باوجود انتظاميا گھارو بند ڪرڻ  ۾ ناڪام ٿي وئي، پنگريو شھر ۾ متاثر 6يوسيز جي رھواسين جو ڪٺ  ٿيو جنھن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اڄ ڪراچي مٺي ٿرڪول روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويندو ۽ پنگريو شھر ۾ شٽر بند ھڙتال به ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اھڙو لائوڊ اسپيڪرن تي پڙھو پڻ  گھمايو  ويو. اعلان ۾ چيو ويو ته ٿر ڪول روڊ بدين ضلعي واري پاسي کان بند ڪري ڌرڻو ھنيو ويندو ۽ ڌرڻو انھي وقت تائين جاري رھندو جيستائين پراڻ ڍوري کي 211 آر ڊي وٽان ايل بي او ڊي  بند ھٽايو نه ويندو. ٻي پاسي  گھاري جي گندي پاڻي بيھڻ سبب علائقي ۾ بيمارين منھن ڪڍيو آھي جنھن ۾ چمڙي مليريا ۽ ڊائيريا جھڙيون خطرناڪ بيماريون ٻوڏ متاثرين ۾ پيدا ٿي ويون آھن انھي سلسلي ۾ آغا خان يونيورسٽي پاران  ماھر ڊاڪٽرن تي مشتمل  يوسي جرڪس يوسي پير بودلو ۾ 3 فري ميڊيڪل ڪيئمپون قائم ڪيون ويون آھي. هوڏانهن ملڪاڻي شريف ۾ سوين گهاري متاثر ڳوٺاڻن جي ريلي ڪڊي  پنگريو جهڏو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٻه ڪلاڪ   ڌرڻو هڻي  روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. منظور چانڊيو حاجي علي نواز دلواڻي اڪبر چانڊيو سيد امان اللله شاه الله ڏنو چانڊيو عالي خان چانڊيو ۽ ٻين چيو ته مسلسل 18 ڏينهن کان پراڻ جي گهاري تباهيون ڪري سوين ڳوٺ ٻوڙي علائقي جا ڳوٺ قبرستان ڪري ڇڏيا آهن پر سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي کاتو پراڻ ڊوري جي گهاري کي بند ڪرڻ بدران ماڻهن جو موت ڏسڻ لاء تماشائي بڻيل آهي تڪ جا  چونڊيل نمائندا به  گم ٿي ويا آهن علائقي جي عوام جي هر شئ گهاري جي پاڻي ۾ لڙهي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته پراڻ ڊوري جي گهاري کي جلد بند ڪرائي  زيرو پوائنٽ وٽان ايل بي اوڊي کي ڪٽ هڻي علائقي جي پاڻي کي رستو ڏئي نيڪال ڪرايو وڃي. ٻئي صورت ۾ ڊي سي بدين جي آفيس اڳيان هزارين گهاري متاثر بي گهر ڳوٺاڻان ڌرڻو هڻندا.