جهڏو/نئون ڪوٽ (نمائندن وٽان) جهڏو ۾ پراڻ ڍوري جا گهارا بند نه ٿيا، ڪم سستي جو شڪار، گهارن جي پاڻي يوسي روشن آباد ۽ بانکر جا وڌيڪ ڪيترائي ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا، نئون ڪوٽ ويجهو هاڪڙي درياهه ۾ چاڙهه، 4 ڪالونيون، 5 ڳوٺن ۽ ڪلوئي جا 15 ڳوٺ پاڻي هيٺ، خبر موجب جهڏي مان لنگهندڙ پاڻي جي قدرتي لنگھه پراڻ ڍوري کي 316 بند ۽ درگاهه ملوڪ شاهه وٽان لڳل گهارا اڃا تائين ٻڌجي نه سگهيا آهن، جنهن ڪري گهارن جي پاڻي شهر توڙي ڳوٺن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، جهڏو شهر جي اسلم ٽائون، عاشق ڪالوني، هاشم ڪالوني سميت 12 ڪالونيون ۽ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏل آهن، شهرين جو چوڻ آهي ته انتظاميه هنگامي صورتحال باوجود پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪيل فيصلن تي عمل نه پئي ڪري، جنهن سبب شهر ۾ پاڻي مسلسل وڌي رهيو آهي، ٻئي پاسي نئون ڪوٽ ويجهو هاڪڙي درياهه ۾ مسلسل چاڙهه سبب پاڻي ڪپرن تان اورفلو ٿي شهر جي چئن ڪالونين، پنج ڳوٺن ۽ ڪلوئي جي 15 ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، پاڻي هيٺ آيل آبادين ۽ ڳوٺن ۾ هريجن ڪالوني، منڌرا ڪالوني، ملاح پاڙو، وقار ڪالوني، ڳوٺ پنجو چانڊيو، رحيم خان نوتڪاڻي، نصيرچانڊيو، ستار چانڊيو، لال بخش چانڊيو شامل آهن، جڏهن ته هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل به ٻڏي ويو، مقامي رهواسين دانهيندي چيو ته سنڌ سرڪار چونڊيل نمائندن اڳيان بيوس بڻيل آھي، مقامي چونڊيل نمائندن جا ذاتي اختلاف عوام کي ٻوڙي رهيا آھن، هوڏانهن ايل بي او ڊي سم نالي ۾ ٻيهر چاڙهه بعد ميرپورخاص کي ملائيندڙ پل وڌيڪ 20 ڏينهن کان ٽريفڪ لا بند ڪئي وئي آهي،