ملڪاڻي شريف: ايشيا جي سڀ کان وڏي سم نالي ايل بي او ڊي جي آرڊي 211 کان پاڻي جو قدرتي لنگھه بحال ڪرڻ لاءِ حڪومت سنڌ ورلڊ بينڪ جي تعاون سان ايريگيشن کاتي کي ست ارب رپيا جاري ڪري ڇڏيا هئا، ايريگيشن کاتي پاران آرڊي 211 کان پراڻ ڍوري ۾ ايل بي او ڊي ۾ 10 گيٽ لڳائڻ ۽ پراڻ ڍوري جي بندن کي مضبوظ ڪرڻ وارو ڪم ٺيڪيدار جي نااھلي جي ڪري رولڙي جو شڪار ٿي ويو، 10 مھينن ۾ مڪمل ڪرڻ وارو منصوبو ايريگيشن کاتي جي لاپرواھي جي ڪري ڪرپشن جي ور چڙھي ويو جنھن ڪري بدين ۽ ٿرپارڪر جي رھواسين کي ڪوبه لاڀ نه ملي سگھندو ھتان جي رھواسين آبادگارن حاجي علي نواز دلواڻي.عوامي تحريڪ اڳواڻ اياز کوسو . سنڌ آبادگار تنظيم جي صدر پير فياض شاه راشدي طارق محمود آرائين ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل سال برساتن دوران تعلقي ٽنڊو باگو جون ڇھ يونين ڪائونسلون پراڻ ڍوري جي گھاري سبب سخت متاثر ٿيون هيون جهڏو کان 211 آرڊي تائين 28 ڪلوميٽرن جي مفاصلو ايل بي او ڊي جي پاڻي اوور ٽاپ پئي ڪيو جن لاءَ ڪي به جوڳا اپاءَ ناهن ورتا ويا هنن چيو ته پراڻ ڊوري کي روشن آباد وٽان گزريل سال لڳل گهاري تباهي مچائي ڇڏي هئي جنهن جا هن وقت تائين بند مضبوط ناهن ڪيا ويا جنهن سان وري به خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو هنن چيو ته هتي جي آبادگارن رھواسين ٿرڪول روڊ تي ڌرڻو ھنيو پر حڪومت رھواسين سان انصاف ڪرڻ بجائي مٿن قتل جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو ھنن چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ چيئرمين نيب کان مطالبو ڪيو ته اربون روپين جي ٿيندڙ ڪرپشن جو نوٽيس وٺي پاڻي جا قدرتي لنگھ بحال ڪرڻ وارو ڪم سٺي نموني ڪرايو وڃي جئين عوام کي رليف ملي سگھي.