ميرپورخاص (بيورورپورٽ) دراوڙ اتحاد جي چيئرمين فقير شيوا ڪڇي چيو آهي ته پراڻي ميرپور ٿاڻي جي حد ۾ ھڪ متاثر کان تفصيل وٺڻ وياسين، جتي مھر برادري جي ھٿياربند ماڻهن پاران اسان مٿان حملو ڪري يرغمال بڻائي، موبائل فون، گاڏيون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري تشدد جو نشانو بڻايو آهي، اھڙو اظھار هن موئن لال،کيمچند ڀيل ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، ھنن وڌيڪ چيو اسان کي اطلاع ملي ته ڳوٺ بچل مھر ھڪ وياج خور ارباب مھر پاران اتان جي ڳوٺاڻي ڏيڏيو ميگھواڙ کي مبينا وياج جا پئسا نه ملڻ تي وياج خور گھر تي ڪاهه ڪري چوپايو مال ڪاھڻ سميت گھريلو سامان جي ڦر لٽ ڪئي وئي آھي، اسان جيئن متاثر ڳوٺاڻي جي گھر پھچي تفصيل ورتا ته اتي 100 کان وڌيڪ مھر برادري جي ھٿياربند ماڻهن پاران ڪاهه ڪري اسان کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي، ھڪ ڪار، ھڪ موٽرسائيڪل، موبائل فونز ۽ سوا 2 لک رپيا ڦري ورتا ۽ ھوائي فائرنگ ڪري هراسان ڪيو ويو، جنھن بعد اسان کي پوليس حوالي ڪيو ويو، اسان پراڻي ميرپور پوليس کي شڪايت ڪئي پر ڪو تدارڪ نه ٿيو، ھنن چيو ته ڄاڻايل بااثرن سان پوليس مليل آھي، ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور ڄاڻايل بااثرن خلاف ڪيس داخل ڪري ڦر ڪيل اسان جون گاڏيون، موبائل فونز ۽ روڪ رقم واپس ڏياري وڃي، ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو.