پراڻين فلمن ۾ هٿ سان لکيل خط اي ميل کان به وڌيڪ جديد هوندا هئا ڇاڪاڻ ته خط کولڻ کان پوءِ لکندڙ جي آٽوميٽڪ خط ۾ تصوير اچي ويندي هئي ۽ هو پاڻ ٻڌائيندو هو ته ڇا لکيو ويو آهي.
پراڻن فلمن ۾ جڏهن هيروئن گهر مان نڪرندي هئي ته هن جا سمورا ڪپڙا، بوٽ، هينڊ بيگ، زيور، ميڪ اپ ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه هڪ ئي سوبه ننڍي سوٽ ڪيس ۾ آسانيءَ سان اچي ويندو.
پراڻن فلمن ۾ امير هيروئن جي گهر ۾ وڏو پيانو هوندو هو، جنهن کي غريب هيرو نه رڳو وڄائيندو هو، پر ان کي وڄائي هو بي وفائي جي شڪايتن سان ڀرپور گيت ڳائيندو هو.
پراڻين فلمن ۾ وڻ کي ڀاڪر پائڻ، محبوب کي ڀاڪر پائڻ هوندو هو.
پراڻن فلمن ۾ ڊاڪٽر ايترا ته قابل هوندا هئا جو دل جي دوري يا ڪينسر جو بغير ڪنهن ٽيسٽ جي پتو لڳائيندا هئا ۽ سمهڻ وقت موت جي تاريخ به ٻڌائي ڇڏيندا هئا.
پراڻن فلمن ۾، خراب خبر ٻڌڻ کان پوءِ هيروئن هٿ ۾ پڪڙيل ڊيش ڪرندو هو اگر ڪو هيرو مري ته هيروئن پهريون ڪم پنهنجون چوڙيون ڀڃندي هئي.
پراڻين فلمن جي ڪلائمڪس ۾ هيرو جي ماءُ ۽ محبوبا هميشه ولن جي قبضي ۾ نظر اينديون هيون ۽ هيرو جي سموري جدوجهد برباد ٿي ويندي هئي.
جيتوڻيڪ عدالت جو فيصلو هيرو جي خلاف آيو ته اسان سڀني کي خبر هئي ته آخري وقت تي هيرو زخمي حالت ۾ ڪورٽ ۾ داخل ٿيندو ۽ ڪورٽ جو دروازو کوليندو ۽ چوندو ته اصل ثبوت کڻي آيو آهيان…. ترجمو آزاد انور مهر (فيس بوڪ تان ورتل)