پشاور ( م ڊ) خيبرپختونخواه ۾ پيپلزپارٽي جون ٻه اهم وڪيٽون ڪري پيون آهن. پشاور سان واسطو رکندڙ اڳوڻي وفاقي وزير ارباب عالمگير ۽ سندس گهرواري عاصمه ارباب پ پ کي الوداع چئي ڇڏيو. نجي ٽي وي چئنل سان گفتگو ڪندي عاصمه عالمگير چيو ته پارٽي قيادت جي پاليسين کان ناراض هئاسين، سندن پاليسين سبب اڄ ڪي پي ۾ پ پ ڇهين نمبر تي اچي چڪي آهي. هن چيو ته پارٽي جي مرڪزي ڊپٽي اطلاعات جي عهدي تان به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪنهن پارٽيءَ ۾ شامل ناهيون ٿيا، مشاورت جاري آهي.