خضدار (م ڊ) ڪوئيٽا ڀرسان لڪ پاس وٽ بي اين پي جو 12هين ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو، ڪوئيٽا کان بلوچستان جي مختلف شهرن سوڌو ڪراچي ويندڙ رستا بند رهيا، بي اين پي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته احتجاج پُرامن هجڻ باوجود ڪوئيٽا وڃڻ کان روڪيو ويو، پوليس 20 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو آهي، گرفتار عورتن جي آزادي تائين احتجاج جاري رکيو ويندو، هوڏانهن بي اين پي سربراهه اختر مينگل سان اڳوڻي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ملاقات ڪري صوبي ۾ امن امان ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.