پرامن تحريڪ کي پُرتشدد بڻائڻ جي رستا روڪ ڪريو!

0
38
پرامن تحريڪ کي پُرتشدد بڻائڻ جي رستا روڪ ڪريو!

 سنڌ جي سڀني گھڻگھرن ۽ جڳ جھان کي خبر آھي ته سنڌو درياءَ مان ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي وسيلي سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون وفاقي ادارن ۽ غير ملڪي ڪمپنين کي ڏيڻ واري تحريڪ نه ملڪ دشمن آھي، نه وري پاڪستان کي ٽوڙڻ واري جدوجھد آھي. ھي پُرامن جدوجھد دادلي درياءُ، زمينن ۽ وسيلن کي بچائڻ جي آھي. ملڪي عالمي ۽ اسلامي قانونن مطابق سنڌو درياءُ ۽ ان جي ڀرتو ڪندڙ ندين تي سڀ کان پھريون حق پوڇڙ وارن جو يعني سنڌ جو  مڃيل ۽ تسليم ڪيل آھي.

                 سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڏيڍ سو سالن کان لڳندڙ ڌاڙي، غير قانوني ۽ زور زبردستي ڊيمن ۽ ڪينالن وسيلي دادلي درياءَ کي قيد ڪري سنڌ کي رڻ پٽ ۽ بيابان ۾ تبديل ڪرڻ خلاف گذريل ٽن چئن مھينن کان سنڌ سراپا احتجاج آھي. ھن تحريڪ ۾ قوم پرست پارٽين سميت سنڌ جا اديب، شاعر، فنڪار، آرٽسٽ، وڪيل، صحافي، مذھبي تنظيمون، ھاري، آبادگار، مذھبي اسڪالر، استاد، شاگرد، عورتون، ٻار، ٻڍا ۽ سنڌ جو ٻچو ٻچو پنھنجي وس ۽ طاقت آھر پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائي پيو. پنجاب جا ھاري، آبادگار، ترقي پسند ڌريون ۽ حسن عباس جھڙا پاڻي جا ماھر ۽ ٽيڪنوڪريٽ به ان ۾  شامل آھن.

سرائيڪي وسيب جو عوام ۽ اديب به ھن تحريڪ جو حصو بڻجي چڪا آھن. ھي تحريڪ ملڪي سرحدن مان نڪري بين الاقوامي تحريڪ ۾ تبديل ٿي چڪي آھي. ورلڊ سنڌي ڪانگريس، سانا ۽ جن به ملڪن ۾ سنڌي رھن ٿا اھي عالمي ادارن جي آفيسن اڳيان احتجاج رڪارڊ ڪرائين پيا، ان ڪري ھن تحريڪ کي صرف سنڌ سطح  جي يا  قوم پرستن جي تحريڪ سڏڻ ۽ اھڙي منفي پروپئگنڊا ڪرڻ ھڪڙي سازش جو حصو آھي.ھي ملڪگير تحريڪ ملڪ جي ترقي پسند، روشن خيال، عوام دوست ۽ جمھوريت پسند ڪروڙين عوام جي تحريڪ بڻجي وئي آھي. جڏھن کان ھي تحريڪ پنھنجي پوري جوڀن ۾ آئي آھي ۽ وقت جي حڪمرانن کي ملڪ دشمن منصوبا واپس وٺڻ تي مجبور ڪرڻ واري دور ۾ داخل ٿي آھي، تڏھن کان ھن پرامن تحريڪ کي يرغمال ڪرڻ ۽ پرتشدد بنائڻ جون سازشون ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آھي. جنھن تي عمل ڪرڻ جي اڻ اعلانيه شروعات ڪئي وئي آھي. سڀ کان پھرين اردو ميڊيا جنھن کي عرف عام ۾ قومي ميڊيا  سڏيو وڃي ٿو، اُن ھن تحريڪ جو ڪوبه نوٽيس ڪونه ورتو، جڏھن تحريڪ وڌيڪ سگھاري ٿي اڀري تڏھن ن ليگ جي ڪن وفاقي وزيرن ۽  اردو ميڊيا تي ٿيندڙ ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ سرڪاري تجزيه نگارن ۽ ڪينالن جي حامين طرفان منفي پروپئگنڊا ڪرائڻ جي شروعات ڪرائي وئي، ھنن مان اڪثريت انھن تجزيه نگارن  جي آھي جيڪي نه پاڻي جا ماھر آھن، نه ٽيڪنوڪريٽ ۽ نه وري انھن  ڊيلٽا سميت سجاول بدين ۽ ٺٽي ضلعي جو تباھ ٿيل   سامونڊي علائقو ڏٺو ھوندو. جتي انسان، جانور پکي پکڻ پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپن پيا. پاڻي نه ھجڻ ڪري انھن علائقن مان لڏپلاڻ جاري آھي. ڊيلٽا ۾ گھربل مقدار ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري مٿين ٽنھي ضلعن جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي. آبادگار ۽ ھاري جن جو گذر سفر زراعت تي آھي، اُھي مرچن ۽ وونئڻن جي پوکائي ڪري ڪونه سگھيا آھن. اھڙي خوفناڪ ۽ ڏڪار واري صورتحال جي باوجود اردو ميڊيا تي ويٺل تجزيه نگار ھن تحريڪ کي متضاد ۽ ملڪ جي ترقي ۾ رڪاوٽ ثابت ڪرڻ سان گڏ ڪينالن تي سياست ڪرڻ  جا الزام ھڻي رھيا آھن ۽ خالص ڪجھ قوم پرستن جي تحريڪ چوڻ (جنھنجو ھنن جي نظر ۾ مطلب آھي ملڪ دشمن تحريڪ) شروع ڪري اھا پروپئگنڊا ڪئي ته پنجاب پنھنجي حصي مان پاڻي کڻي ٿو، سنڌ کي اعتراض ڇو آھي، پنجاب سنڌ جي پاڻيءَ جو ڦڙو به ڪونه کڻندو. لکين ايڪڙ بنجر زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪينالن وسيلي پاڻي پھچائي آبادي لائق بنائي غير ملڪي سيڙپڪارن کي زمينون وڪرو ڪري اربين رپيا ملڪ ۾ آڻي ملڪي معيشت کي مضبوط ڪيو ويندو، ان جا مخالف وفاق جا مخالف ۽ ترقيءَ جا مخالف آھن وغيره وغيره. سنڌ ۾ وري پيپلزپارٽي جي نمائندن ۽ سينيئر اڳواڻن  انتھائي ڪريل گندا ۽ غليظ الزام ھڻي ڪروڙين سنڌين جي توھين ڪئي آھي. ھڪڙن پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کان بيان ڏياريو ويو ته، “مئل ماڻھو اٿيا آھن”. مون کي خبر ناھي ته اھي ڪتا آھن يا ڪير آھن؟ ٻين فرمايو ته، “سنڌ ۾ جيڪو ٽي ماڻھو به گڏ ڪري ڪونه سگھندو ھو، اھو به ماڻھو پيو گڏ ڪري”. “جن کان گھر ۾ ڪو چانھ به ناھي پڇندو اھي ڪينالن خلاف احتجاج پيا ڪن”. پيپلزپارٽي گذريل سترھن سالن دوران برابر سنڌي قوم کي مئل قوم ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ وسان ڪونه گھٽايو آھي. ھٿرادو ٻوڏن وسيلي ٻوڙڻ، ادارن جي تباھي، ڪرپشن، منشيات، ڌاڙيل راڄ، لاقانونيت، قبضن  سميت ھنن عوام دشمن حڪمرانن ڇا ڇا نه ڪيو آھي. ھنن جا سنڌ دشمن ڪارناما تاريخ جو حصو بڻجي چُڪا آھن. ان جي باوجود سنڌي قوم جو ضمير ۽ خمير زنده ۽ سلامت آھي. ھنن کي خبر آھي ته جيڪڏھن خلق خدا اُٿي کڙي ٿي ۽ پڇاڻا ڪرڻ شروع ڪيا ته پوءِ اسان جو ڇا ٿيندو؟ دراصل ھي سردار جاگيردار ۽ وڏيرا عوام جي سمجھ، شعور ۽ سياسي سُجاڳيءَ کان خوفزده آھن. ان ڪري اھڙي قسم جا غير سياسي ۽ واھيات  بيان ڏين ٿا.

ھن پرامن تحريڪ کي پرتشدد ۽ ملڪ دشمن تحريڪ ثابت ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۾  آبادگارن، سول سوسائٽي ۽ مختلف تنظيمن طرفان ٿيندڙ مظاھرن ۾ اسٽيبلشمينٽ پنھنجا پاليل پگھاردار موڪلڻ شروع ڪيا آھن، جيڪي مظاھرو شروع ٿيڻ شرط ڪينالن خلاف نعرا ھڻڻ بدران “ٽوڙينداسين ٽوڙينداسين، پاڪستان ٽوڙينداسين” جا نعرا ھڻن شروع ڪن ٿا ته ٻئي پاسي وري ڪراچي ۾ نسلي فساد ڪرائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جھڙي ڄاتل سڃاتل نسل پرست ۽ اسٽيبلشمينٽ جي تيار ڪيل گروھ کي ميدان تي لاٿو ويو آھي. ڪجھ ڏينھن اڳ ايم ڪيو ايم جي خالد مقبول صديقي اشتعال انگيز پريس ڪانفرنس ڪري سنئون سڌو ڌمڪي ڏني، جنھن جو ڪوبه نوٽيس ڪونه ورتو ويو، ان اشتعال انگيز پريس ڪانفرنس ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي بار جي صدر تي قاتلاڻو حملو ڪرڻ، KFC  کي ڪراچي، ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻي ۾ باھيون ڏيارڻ، ڊمپرن جي اتفاقي حادثن جو بھانو بڻائي ڪراچي ۾ ڊمپرن ۽ پاڻي جي ٽينڪرن کي ساڙائي نسلي فساد ڪرائڻ وغيره شامل آھن. جن دھشتگردن ٽينڪرن کي باھيون ڏنيون انھن کي اردو ميڊيا وري مشتعل لوگ چوڻ شروع ڪيو آھي. حالانڪ ڪراچي کان جيڪي ڪوچون ٽرڪون ۽ وڏيون گاڏيون پنجاب، لاڙڪاڻي،سکر، حيدرآباد  مٺي سميت ٻين ضلعن ۽ صوبن ڏانھن وڃن ٿيون انھن ڪيترائي حادثا ڪيا آھن، سيوھڻ روڊ کي ته سڏيو ئي خوني روڊ وڃي ٿو، انھن گاڏين کي ته ڪنھن به ماڻھو  ڪونه ساڙيو ۽ نه وري گورنر طرفان انھن حادثن ۾ مري ويلن جي خاندانن کي پلاٽ ڏيڻ ۽ مالي مدد ڪرڻ جا اعلان ڪيا ويا. ڪراچي ۾ ھن کان اڳ به حادثا ٿيندا رھيا آھن تڏھن ته ڊمپرن ۽ ٽينڪرن کي باھيون ڪونه ڏنيون ويون. ھن وقت جڏھن دادلي درياءَ کي بچائڻ لاءِ پرامن تحريڪ جاري آھي، ان وقت ڊمپرن ۽ پاڻي جي ٽينڪرن کي ساڙڻ جي پويان آخرڪار ڪا ته سازش ھوندي.

سنڌو درياءَ مان ڪينال ڪڍڻ خلاف وڪيلن ڪافي ڏينھن اڳ ئي 12 اپريل تي احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو، ان ئي ڏينھن تي ھڪ ٻئي جوڌي ڪراچي ۾ احتجاج ڪرڻ جو سڏ ڏنو آھي. سنڌي ۾ چوڻي آھي ته، “چريا کريا آھيون، پر سمجھون سڀ ڪجھ ٿا”. اسٽيبلشمينٽ جي سڄي چال کي سنڌ جو عوام چڱي ريت سمجھي ٿو. مٿي ڄاڻايل  ڪجھ تازن واقعن مان ڏس پتا ملڻ جا اشارا واضع ۽ چٽا سمجھ ۾ اچن پيا. ھن وقت سنڌ جي ھر فرد سياسي سماجي ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن اڳواڻن مذھبي تنظيمن ۽ اسڪالرن تي، وڌيڪ ذميواري اچي ٿي ته پرامن تحريڪ کي پرتشدد بنائڻ، تحريڪ جو رخ ٻئي پاسي موڙڻ ۽ درياءَ کي بچائڻ واري جدوجھد کي ملڪ دشمن ثابت ڪرڻ جي مجرمانه سازش تي سنجيدگي سان غور ويچار ڪن، اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪمرانن جي سڀني سياسي چالن کي ناڪام ڪرڻ لاءِ واضح پاليسي ۽ حڪمت عملي جوڙين.