ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته سنڌ حڪومت پرامن احتجاج جي حق کي تسليم ڪري ٿي، احتجاج تي ويٺل وڪيل پرامن رهن، اهي پنهنجي آسپاس شرپسندن تي نظر رکن، درخواست آهي ته افواهن تي ڌيان نه ڏنو وڃي، پرامن احتجاج ڪندڙن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ويندي، وڪيلن کي درخواست ڪريان ٿو ته شهرين جي مشڪلاتن جو سبب نه بڻجو، ملڪي صورتحال ۽ حالتن جي تقاضا آهي ته قومي يڪجهتي کي هٿي ڏيو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن سان ڪئنالن منصوبو ختم ٿي چڪو آهي