پشاور(م ڊ) ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور وفاقي حڪومت ۽ اتحادين تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پرامن احتجاج اسان جو آئيني حق آهي، اسين ڪنهن سان به ٽڪراءُ نٿا چاهيون نه ئي ڪنهن کي نقصان پهچائڻ جو ڪو اسان جو مقصد آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته پنهنجو پرامن احتجاج وارو حق اسان استعمال ڪنداسين عوام انهن جي سمورن ڪمن ۽ قدمن کي غلط سمجهي رهيو آهي، اها آئيني ترميم جي نالي تي پي ٽي آءِ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.