پرائيويٽ اسڪول، استاد ۽ مسئلا

0
58
پرائيويٽ اسڪول، استاد ۽ مسئلا

پرائيويٽ اسڪولَ ۽ سندن استادَ سنڌ توڙي پاڪستان جي تعليمي شعبي جا اهم اسٽيڪ هولڊرس آهن، ڇو ته اهي سنڌ جي پِري پرائمري کان ٻارهين ڪلاس تائين پڙهندڙ ڪُل اسڪولي شاگردن (11.5 مِلين يا هڪ ڪروڙ، پندرهن لک) جو ٪34 کان ٪37 سيڪڙي تائين جو بار کڻي رهيا آهن ۽ انهن کي تعليم ڏئي رهيا آهن. سندن اهم تعليمي ۽ تدريسي خدمتن ۾ شراڪت داري جي باوجود اهي انيڪ مسئلن جي ور چڙهيل آهن، جن ۾ گهٽ اُجرت، ادارن توڙي ڪم ڪرڻ جون نامناسب حالتون ۽ ذاتي تحفظ جو فقدان سرِ فهرست آهن. هي مضمون سنڌ جي تناظر ۾ پرائيويٽ اسڪولن ۽ انهن ۾ ڪم ڪندڙ استادن بابت موجوده شمارياتي انگ اکرن سان گڏ سندن ٻرندڙ مسئلن ۽ امڪاني حلن تان پردو کڻي ٿو.

سنڌ جي پرائيويٽ اسڪولن جا شمارياتي انگ اکر:

ڊائريڪٽوريريٽ آف انسپيڪشن اينڊ رجسٽريشن آف پرائيويٽ انسٽِيٽِيُوشَنس سنڌ طرفان سنڌ جي پرائيويٽ اسڪولن جي پهرئين سروي/سينسس (2023) مطابق سنڌ ۾ ڪُل 12809 پرائيويٽ اسڪولَ آهن، جن مان 11737 فعال ۽ هلندڙ آهن، جڏهن ته 1073 غير فعال ۽ بند آهن. اسڪولن جي هن تعداد ۾ 474 مدرسا اسڪول آهن، جڏهن ته 31 خالصتاً مدرسا آهن؛ ٻين لفظن ۾ خالص روايتي اسڪول 11231 آهن. هلندڙ اسڪولن جي تعداد ۾ سطح جي لحاظ کان 1247 پرائمري اسڪول، 553 مڊل اسڪول، 2784 ايليمينٽري اسڪول، 6546 سيڪنڊري اسڪول ۽ 606 هائير سيڪنڊري اسڪول آهن. 11231 خانگي اسڪولن مان 10776 (٪91.82) انگلش ميڊيم، 469 (٪3.99) اردو ميڊيم ۽ 491 (٪4.88) سنڌي ميڊيم آهن.

شاگردن جو تعداد:

سنڌ جا خانگي اسڪول مجموعي طور تي 3.94 مِلين (39 لک 40 هزار) شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪري رهيا آهن، جن جو ٪54.22 (2.1 مِلين يا 21 لکن کان مٿي) شاگردن، جڏهن ته ٪45.77 (1.8 مِلين يا 18 لکن کان مٿي) شاگردياڻين تي مشتمل آهي. اقليتي شاگردن جو تعداد 166،788 آهي، جن ۾ 95،199 (٪57) شاگرد آهن، جڏهن ته 71،589 (٪43) شاگردياڻيون آهن.

تدريسي ۽ غير تدريسي مزدورن جا شمارياتي انگ اکر:

2023ع جي سروي/سينسس مطابق سنڌ جي سڀني پرائيويٽ اسڪولن ۾ ڪُل 298،938 (2 لک، 98 هزار، 9 سئو اوڻيتاليه) ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، جن جو ٪75.31 (225،158) استادن تي مشتمل آهي، جڏهن ته ٪24.68 عملي ۾ غير تدريسي ملازم يعني 73،780 ماڻهو انتظاميه ۽ ٻين ملازمن تي مشتمل آهي. اهم ۽ خاص ڳالهه اها آهي ته تعداد جي لحاظ کان عورت استادن جو تناسب چئن مان ٽن حصن (٪76.13) کان به وڌيڪ آهن.

پرائيويٽ اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون:

عام طور تي ماڻهو سمجهندا آهن ته پرائيويٽ اسڪولن ۾ بهتر سهولتون ميسر آهن، پر مٿئين سروي جا انگ اکر ڇرڪائيندڙ آهن. هلندڙ11736 اسڪولن منجهان 3948 اسڪولن ۾ انٽرنيٽ اڻلڀ آهي، 4275 اسڪولَ ڪمپيوٽر ليبارٽرين کان وانجِهيل آهن، 4464 اسڪولن ۾ سائنس ليبارٽيز ڪونهن ۽ 4433 ۾ ڪتبخانا ئي ناهن. ساڳِي طرح سان 2204 اسڪولن ۾ آفيس جي ڪم ڪار لاءِ ڪو به ڪمپيوٽر/ليپ ٽاپ نه آهي، 6110 اسڪولن ۾ ڪو به گھڻ مقصدي هال موجود نه آهي، 1782 اسڪولن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ دوران متبادل توانائي جو نظام جهڙوڪ يُو-پِي-ايس/جنريٽر/سولر سسٽم نه آهي.

مٿئين سروي جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته سوين خانگي اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جو فقدان آهي، پر حيرت آهي ته انهن کي رجسٽريشن ۽ اسڪول کولڻ جي قانوني اجازت ڪيئن ٿي ملِي وڃي؟! اها ڳالهه نهايت افسوسناڪ آهي جو 187 خانگي اسڪولن ۾ پيئڻ جو پاڻي ميسر نه آهي، 146 اسڪولن ۾ ٽوائليٽ/واشروم ڪونهي ۽ 345 اسڪولن ۾ بجلي جو نالو نشان ئي ڪونهي. واضع رهي ته 4889 اسڪولن ۾ شاگردن ۽ شاگرياڻين لاءِ راند جو ميدان ڪونهي ۽ 627 اسڪولن کي ته چوديواري ئي ناهي!

پرائيويٽ اسڪولن جي استادن جا مسئلا:

ناڪافي ۽ گهٽ ۾ گهٽ معاوضو/پگهار: 27 آڪٽوبر 2021ع جي انگريزي اخبارThe News مطابق وزيرِ تعليم سيد سردار علي شاهه سنڌ صوبي جي ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين جي پرائيويٽ اسڪولن ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏيندڙ استادن کي ڏني ويندڙ 3000-12000 ماهوار پگهار تي غم ۽ غصي جو اظهار ڪندي سڀني منتظمين کي اها هدايت ڪئي هئي ته اهي پنهنجن معزز استادن کي ماهوار گهٽ ۾ گهٽ 25000 روپيا پگهار ڏين. ياد رهي ته ان وقت فيڪٽرين ۽ صنعتن ۾ ڪم ڪندڙ غير هنرمند مزدورن جي ماهوار اُجرت 37000 روپيا هئي.

ملازمن جي مقرري ۽ ٻين لوازمات جو لکت ۾ دستاويز نه هجڻ:

اسان جي ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ اوچتو کُنڀين وانگر پيدا ٿيل ننڍين کُڏين مثل پرائيويٽ اسڪولن ۾ انتظاميه طرفان استادن جي مقرري جي شرطن توڙي لاڳاپيل اداري ۾ پيشه ورانه نوڪري جي ذميوارين قبول ڪرڻ يا ڇڏي وڃڻ بابت لکت ۾ ڪو دستاويز يا پنو نه ٿو ڏنو وڃي. ان ڪري مقرر ڪيل استادن، خاص ڪري عورت استادن، جي مٿان جبري نيڪالي جي تلوار ٽنگيل رهي ٿي ۽ اهي مقرر مضمون کان علاوه ٻيا مضمون ۽ وقت کان وڌيڪ پڙهائڻ جي معاوضي (اوور ٽائيم)، بيماري يا ويم جي موڪل جهڙن انساني حقن کان محروم رهن ٿا ۽ انتظاميه جي انتقام ۽ حوس جو نشانو بڻجن ٿا.

جنسي حراسگي:

خانگي تعليمي درسگاهن ۾ صفائي سٺائي ڪندڙ ملازمن، غير تدريسي ملازمن (ڪلرڪ، رسيپشنسٽ وغيره) ۽ خواتين توڙي مرد استادن سان لاڳاپيل انتظاميه ۽ اسڪول مالڪن طرفان جنسي حراسگي جا چٽا خطرا موجود آهن. جيئن ته اسان جو سماج پدراڻي نظام تي ٻڌل آهي ۽ ان ۾ معيشت جي سنڀال ۽ سماجي فيصلن ۾ مرد جو اهم ڪردار آهي، ان ڪري خانگي اسڪولن ۾ هن سلسلي ۾ مرد ملازم (تدريسي توڙي غير تدريسي عهدن تي ڪم ڪندڙن) گهڻو تڻو جنسي حراسگي کان محفوظ رهندا آهن، پر عورتن لاءِ انهن ادارن جي اڪثريت هڪ پلصراط جي سفر وانگر آهي،جتان انهن لاءِ پنهنجي دامن کي داغدار ٿيڻ کان بچائڻ هڪ طويل ۽ ڪٺن مرحلو آهي. توڙي جو انهن ادارن ۾ جنسي حراسگي جو شاز و نادر ئي هڪ اڌ واقعو رپورٽ ٿيندو آهي، پر ان جو اهو قطعاً مطلب نه آهي ته اهي ادارا عورت استادن ۽ ملازمن لاءِ بلڪل ئي محفوظ آهن.

مسئلن جي حل لاءِ صلاحون:

* پرائيويٽ اسڪولن کي فقط ڪمائي جو ذريعو سمجهڻ نه گهرجي. سندن مالڪن ۽ انتظاميه کي گهرجي ته معصوم شاگردن ۽ شاگردياڻين جي فِي جو ڳچ حصو انهن تي خرچ ڪن ۽ انهن کي پنهنجن اسڪولن ۾ بهتر بنيادي ۽ تعليمي سهولتن سان گڏ راند روند جون سهولتون فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻائين. اسڪولن ۾ چوديواري، واشرومز، پيئڻ جو صاف پاڻي، بجلي ۽ هوا جو انتظام، راندين جو ميدان، ڪمپيوٽر ليب، سائنس ليب ۽ لائبريري وغيره جي مناسب انتظام کي يقيني بڻائين. رجسٽريشن ڪندڙ اختيارين کي گهرجي ته گهربل بنيادي توڙي تعليمي سهولتن جي عدم موجودگي جي صورت ۾ نئين رجسٽريشن جاري نه ڪن ۽ هلندڙ خانگي اسڪولن ۾ وقتن فوقتاً اوچتو معائنو ڪري انهن سهولتن جي موجودگي کي يقيني بڻائين.

* پرائيويٽ اسڪولن ۾ استادن ۽ اسٽاف جي مقرري شفاف ۽ اڻ ڌُري هجڻ کي يقيني بڻايو وڃي. ان سان گڏ مقرر ڪيل هر ملازم ۽ استاد کي لکت ۾ سندس ذميوارين، قائدن قانونن، پگهار، ذميوارين، ذميواريون قبول ڪرڻ يا ڇڏڻ بابت باهمي لکت/دستاويزي اقرارنامو ڏيڻ ۽ وٺڻ گهرجي.

* پرائيويٽ اسڪولن ۾ ملازمن ۽ استادن جي موجوده پگهار جيڪا ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ماهوار 3000 کان 7000 روپين تائين ڏني وڃي ٿي، سا بلڪل ناڪافي ۽ نامناسب آهي، بلڪه اهو چئجي ته کُليل ظلم ۽ انساني حقن جي لتاڙ آهي ته به غلط نه ٿيندو. ان ڪري انهن جي ماهوار پگهار سنڌ جي وزيرِ تعليم جي حڪم مطابق 25000 روپين کان شروع ڪئي وڃي، جيڪا عهدي، تعليمي لياقت ۽ تجربي جي لحاظ کان وڌندي رهي. جيڪڏهن ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين جي اسڪولن ۾ آمدني ئي ايتري نه آهي ۽ والدين به ايترو وزن برداشت نه ٿا ڪري سگهن ته انهن اسڪولن جي ڪُل آمدني جو ٪60 استادن ۽ ٻين ملازمن جي ماهوار پگهارن تي خرچ ڪيو وڃي، جڏهن ته باقي ٪40 مان مالڪ پنهنجي عمارت جو ڪرايو، خرچ ۽ منافعو ڪڍن. هن طريقي سان به جيڪڏهن ڪجهه پوئتي پيل اسڪولن جي استادن کي 25000 ماهوار پگهار نه ٿي ملي سگهي ته کُٽل رقم سنڌ حڪومت طرفان سبسڏي ڏئي پوري ڪئي وڃي.

* خانگي اسڪولن ۾ جنسي حراسگي جي روڪٿام لاءِ حڪومت کي گهرجي ته هر اسڪول لاءِ ٽائون ۽ تعلقي جي سطح تي ڪجهه معززين تي مشتمل 10 رڪني هڪ شفاف ۽ غير جانبدار ٽيم جوڙڻ گهرجي. ان ۾ هڪ مقامي سول مئجسٽريٽ/جج، هڪ اسسٽنٽ ڪمشنر، مقامي سماجي تنظيمن جا گهٽ ۾ گهٽ چار ميمبر ۽ مقامي هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن مان ٻه منتظمين (هيڊماستر/پرنسيپال) ميمبر طور هجڻ گهرجن. ان ٽيم طرفان حراسگي جي جانچ پڙتال کان پوءِ سندس فيصلي کي حتمي قرار ڏنو وڃي، جنهن جي بنياد تي لاڳاپيل ملوث ملازم کي برطرف ڪرڻ ۽ اداري ۾ سندس داخلا تي تا حيات پابندي هڻڻ جو اختيار هجڻ گهرجي؛ حراسگي ۾ جيڪڏهن انتظاميه (پرنسپال يا مالڪ) جو ڪو ماڻهو ملوث هجي ته ان اداري جي رجسٽريشن منسوخ ڪئي وڃي. ڪاميٽي جي ڪاروائي کان پوءِ ان طرفان حراسگي جو ڪيس عدالت ۾ داخل ڪرائڻ گهرجي.

* بهتر تعليمي، تدريسي ۽ پيشه ورانه ڄاڻ ۽ عملي سکيا، جنسي حراسگي جي روڪ ٿام جي آگاهي ۽ تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ اڄوڪي دنيا ۾ نون تحقيقي لاڙن سان واقفيت ۽ ان کي پيشه ورانه تدريس ۾ مهارت سان جوڙڻ لاءِ هر سال هر خانگي اسڪول ۾ سياري جي ويڪيشن دوران هڪ هفتي جي اِن-سروس پيشه ورانه تربيتي ڪورس جو آغاز ڪرڻ گهرجي. هن قسم جي تربيت سڀني خانگي اسڪولن جي سڀني استادن ۽ اسٽاف لاءِ لازمي هجڻ گهرجي. هن تربيت جو احتمام مقامي تعليمي ماهرن، دانشورن ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي سرواڻن جي رضاڪاڻي تعاون سان ڪيو وڃي.