ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ عام واپي جي شين جي اگھن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ٿيندڙ ڪاررواين جي اختيارن تان پرائيس ڪنٽرول جي ڊي جي ۽ ڊپٽي ڪمشنرن ۾ تڪراري پيدا ٿي پيو آهي. ان حوالي سان پرائيس ڪنٽرول جي ڊي جي پاران سمورن ڊويزنل ڪمشنرن کي خط لکي هدايت ڪئي وئي آهي ته اگھن تي ضابطي لاءِ دڪان سيل ڪرڻ جا ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن وٽ اختيار ضرور آهن پر انهن دڪانن کي کولڻ جي اجازت ڏيڻ (ڊي سِيل ڪرڻ ) وارا اختيار رڳو ڊي جي پرائيس ڪنٽرول وٽ آهن، ڊي سيز ۽ اي سيز ڊي جي جا اختيار استعمال ڪري رهيا آهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته ڊي سيز کي دڪانن کي ڊي سيل ڪرڻ جا اختيار استعمال ڪرڻ کان روڪيو وڃي.