بدين/ملڪاڻي شريف (نمائندن وٽان) پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر ڪريو، ملڪاڻي ۾ شاگردن جو احتجاج خبر موجب ڳوٺ ڪريم بخش چانڊيو جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيل 300 ٻارڙن کي صرف هڪ استاد پڙهائڻ لڳو آهي، جنهن ڪري ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي ڇو ته ٻارڙن کي ٻيا سبجيڪٽ پڙهائڻ لاءِ ڪو به ٻيو استاد مقرر ٿيل نه آهي، ان سلسلي ۾ شاگردن اميد علي چانڊيو، بلاول ملاح، مرتضيٰ چانڊيو، عامر ۽ ضامن علي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺ جي اسڪول ۾ 300 ٻارڙن کي پڙهائڻ لاءِ صرف هڪ استاد مقرر ٿيل آھي، جيڪو موڪل تائين سڀني شاگردن کي هڪ سبجيڪٽ جو سبق به پورو نٿو ڏئي سگهي، هنن چيو ته تعليم کاتي جي پاليسي موجب ٽيهن ٻارن تي هڪ استاد مقرر هجي ٿو،
پر هتي اسان وٽ 300 ٻارڙن تي هڪ استاد مقرر آھي، هنن وڏي وزير ۽ وزير تعليم کان مطالبو ڪيو ته اسان جي اسڪول ۾ وڌيڪ ميل ۽ في ميل استاد مقرر ڪري اسڪول ۾ استادن جي کوٽ ختم ڪري ٻارڙن جي تعليم تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.