حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي لتاڙ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي 17هين گريڊ جي ٻن سسٽنٽ انجنيئرز کي او پي ايس جي بنياد تي 18هين گريڊ جو ايگزيڪيوٽو انجنيئر مقرر ڪري ڇڏيو. رپورٽ مطابق سنڌ جي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ اينڊ رورل ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي لتاڙ ڪندي 17هين گريڊ جي اسسٽنٽ انجنيئر مظفر حسين زرداري کي تعلقي دوڙ مان بدلي ڪري حيدرآباد ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي آپريشن اينڊ مينٽيننس ڊويزن ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ايگزيڪيوٽو انجنيئر جو عهدو 18هين گريڊ جو آهي جنهن تي 17هين گريڊ جي اسسٽنٽ انجنيئر کي مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڀريا سب ڊويزن ۾ مقرر 17هين گريڊ اسسٽنٽ انجنيئر فيصل آفتاب کي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ آپريشن اينڊ مينٽيننس ڊويزن ڄامشورو ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر طور مقرر ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ جا واضح فيصلا آهن ته ڪنهن به آفيسر کي او پي ايس، لُڪ آفٽر يا اضافي چارج تي مقرر نٿو ڪري سگهجي پر سنڌ حڪومت جا ادارا سپريم ڪورٽ جي فيصلن کي نظرانداز ڪري گهٽ گريڊ جي آفيسرن کي مٿانهين گريڊ تي مقرر ڪري رهيا آهن.