ڪراچي: پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي پاران اڍائي ارب رپين جي لاڳت جي سولر پاور منصوبي تحت 13 هزار اسٽريٽ لائيٽون لڳائڻ جو فيصلو،  ان حوالي سان ڪالهه پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي نگران صوبائي وزير سعد خالد نياز جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي سيڪريٽري بچل راهپوٽو ٻڌايو ته هلندڙ سال 18 اسڪيمون مڪمل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته اڍائي ارب روپين جي لاڳت سان اسٽريٽ لائيٽن کي سولر سسٽم تي منتقل ڪرڻ واري منصوبي جي پي سي ون تيار ڪئي وئي آهي،  انهي منصوبي تحت 13 هزار اسٽريٽ لائيٽون لڳايون وينديون، هر هڪ ڪلو ميٽر ۾ 13 اسٽريٽ لائيٽون لڳايون وينديون.