نئين دهلي (انٽريسٽنگ نيوز) پاڪستان ۽ ڀارت ۾ چانهه سڀ کان وڌيڪ پي ويندي آهي ۽ نه رڳو گهر پر گهٽين ۽ پاڙن ۾ چانهه جا هوٽل ۽ ڍاٻا چانهه جي شوقين ماڻهن کي پنهنجي طرف ڇڪيندا آهن، اڄ اسان اوهان کي هڪ اهڙي چانهه جي ڍاٻي جو ٻڌائي رهيا آهيون، جتي نه ڪو دڪاندار آهي، نه ڪو چانهه ٺاهڻ وارو ۽ هتي ايندڙ پاڻ ئي چانهه ٺاهي پيئندا آهن، ڀارتي ميڊيا موجب اولهه بنگال جي شهر سيرام پور جي قبرستان جي ويجهو هي چانهه جو ڍاٻو سالن کان قائم آهي، ان ڍابي جي هڪ وڊيو به ڀارتي ميڊيا تي شيئر ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ماڻهو هن ڍابي تي اچي پنهنجي چانهه ٺاهي دٻي ۾ پيسا وجهن ٿا، ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران هن ڍاٻي کي قائم ڪندڙ شخص ٻڌايو ته ڍاٻي جو گراهڪ ان جو دڪاندار آهي، مان روز صبح جو ڍاٻو کولڻ کان پوءِ ڪم تي وڃان ٿو، جيڪي گراهڪ ڍاٻي تي چانهه لاءِ اچن ٿا اهي هتي ئي پنهنجي چانهه ٺاهين ٿا ۽ ٻين کي به ڏين ٿا، ڍاٻي جي مالڪ موجب ان بعد اهي ئي ماڻهو پنهنجي مرضي ۽ ايمانداري سان ڪيش باڪس ۾ پيسا وجهي ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ انهن مان ئي ڪجهه ماڻهو چانهه لاءِ ضروري شين جو بندوبست ڪندا آهن.