ڪولمبو(م ڊ) پاڪستان جي ٽيم روايتي ڪرڪيٽ ڊرامي سان ايشيا ڪپ جو فائنل کيڏڻ جو موقعو وڃائي ڇڏيو. سريلنڪا جي ٽيم ٻن وڪيٽن تان ڊرامائي ميچ کٽي ڀارت سان فائنل کيڏڻ لاءِ پهچي وئي. لنڪن ٽيم يارهون ڀيرو فائنل ۾ پهتي آهي. ڪولمبو ۾ پاڪستان جي ٽيم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. برسات سان متاثر ميچ کي 42 اوورن تائين محدود ڪيو ويو. پاڪستان جي ٽيم ۾ 6 تبديليون ڪيون ويون. نسيم شاهه، حارث رئوف، امام الحق ۽ ٻين جي جاءِ تي عبدالله شفيق، محمد حارث، محمد نواز، محمد وسيم ۽ زمان خان کي کيڏايوويو. پاڪستان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پر ٽيم پريشر ۾ نظر آئي ۽ 42 اوورن ۾ 7 وڪيٽن تي 252 رنسون ٺاهيون. عبدالله 52، فخر 4، بابر 29، رضوان 86، حارث 3، نواز 12، افتخار 47، شاداب 3 ۽ شاهين هڪ رنس ٺاهي. لنڪا جي پٿرانا 3، مدوشن 2 ۽ ٺيڪشانا ۽ ويلالاگي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. پاڪستان جي ٽيم فيلڊنگ ۾ به ٿڪل نظر آئي ۽ آخري پنجن اوورن کانسواءِ ڪٿي به نظر نه آئي. نسانڪا 29، پريرا17، مينڊس 91، سماراوڪرما 48، شناڪا 2، ڌننجايا 5، ويلالاگي زيرو، مدوشن هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيا. اسلانڪا 49 رنسن سان وننگ شاٽ کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو. افتخار 3، شاهين 2 ۽ شاداب هڪ وڪيٽ ورتي. اسلانڪا مين آف دي ميچ رهيو. ان شڪست کان پاڪستان کان ون ڊي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن به کسجي وئي.