ٽنڊوڄام(رپورٽ: اظهر لوچي) ملڪي ۽ عالمي ماھرن چيو آھي ته پاڻي جي کوٽ، موسمي تبديليون، لوڻيٺ جي وڌندڙ سطح ۽ زمين ۾ نامياتي مادي جي گهٽتائي، هن خطي جي زرعي مستقبل لاءِ ڳڻتي جوڳي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آھي، وقت سر ڌيان نه ڏنو ويو ته نه رڳو زرعي پيداوار گهٽجندي، پر خوراڪ جي سلامتي به خطري ۾ پئجي سگھي ٿي، اھڙيون ڳالھيون ملڪي ۽ عالمي ماھرن پاران سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ٿيل پهرين ٻن ڏھاڙن واري عالمي سوائل سائنس ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب دوران ڪيون، “مٽي، اسان جي خوشحال مستقبل لاءِ جياپي جو خاموش وسيلو” واري عنوان تحت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته پاڻي جي غير موثر ورڇ، دريائن ۾ پاڻي جي کوٽ، ڪيميائي مواد جو بي قابو استعمال ۽ زمين جي ڦوٽھڙي ۾ گهٽتائي سبب سنڌ جا زرخيز علائقا ھاڻي ٿڪجي پيا آھن، ھن چيو ته زمين اسان جي جيئدان جو خاموش سهارو آهي، پر بدقسمتي سان اسان زمين جي سنڀال کان غافل رهيا آھيون، ان ڪري زمين جي قدرتي زرخيزي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پائيدار زرعي نظام، صحيح فصلن جو چونڊ ۽ جديد آبپاشي طريقا اختيار ڪرڻا پوندا، ايگريڪلچر ريسرچ سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر مظھر الدين ڪيريو چيو ته پاڻي جي کوٽ، موسمي تبديلين ۽ زمين جي بهتري تي عدم توجه سبب زمين جي زرخيزي تي وڏو اثر پيو آهي. زمين جي پائيدار انتظام لاءِ فصلن جي جديد طريقن، نامياتي مادو وڌائڻ، ۽ مٽي جي سڌاري جا طريقا اختيار ڪرڻ ضروري آهن، مٽي جي ماهر اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل ايگريڪلچر ريسرچ ۽ پروفيسر ڊاڪٽر قاضي سليمان ميمڻ چيو ته صوبي ۾ زمين جي زرخيزي توڙي لوڻيٺ بابت مڪمل ڊيٽا موجود ناهي، جنهن ڪري پاليسي ساز صحيح فيصلا نٿا ڪري سگهن، ان ڪري ڊيٽا تي ٻڌل علائقائي نقشن جي تياري ضروري آهي، ايف اي او سنڌ آفيس جي سربراهه جوليئس گيٿنجي موچيمي چيو ته ايف اي او سنڌ جي آبادگارن جي مسئلن جي حل لاءِ سرگرم آهي، خاص طور تي موسمي تبديلين ۽ زمين جي مسئلن تي فني مدد فراهم ڪري رهي آهي،، ڪانفرنس جي چيئر ڊاڪٽر الھوڌايو گانداھي چيو ته ملڪ ۾ موسمي تبديلين، زمين لوٺياڻي ٿيڻ، زميني وسيلا گھٽجڻ ۽ ان جي ڪري فوڊسيڪورٽي جا معاملا وڌي رھيا آھن، ايندڙ نسلن کي زمين ۽مٽي جي اھميت بابت ڄاڻ ڏيڻي پوندي، ڪانفرنس بابت تفصيل ٻڌائيندي ڊاڪٽر محمد سليم سرڪي چيو ته دنيا جي مختلف ملڪن ۽ ملڪي ادارن مان 160 تحقيقي مقالا وصول ٿيا آھن، ڪانفرنس ۾ مليشيا، چين، آسٽريليا، بحرين، ترڪيه سميت مختلف ملڪن جي ماھرن آن لائين ٽيڪنيڪل سيشنز ۾ پنھنجا مقالا پيش ڪيا، ان موقعي تي ڊاڪٽر عبدالحفيظ ٻٻر، ڊاڪٽر ضياء الحسن شاھ، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، ڊاڪٽر سليم مسيح، ڊاڪٽر صائمه ڪلثوم ٻٻر ۽ ٻين خطاب ڪيو، جڏھن ته ان موقعي تي پوسٽر ۽ مختلف خانگي ڪمپنين، زرعي ادارن پاران نمائش پڻ منعقد ڪئي وئي.