ڪراچي (نمائندن وٽان) پاڻي کوٽ خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. ان ڏس ۾ٺل ۾ جسقم پاران مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو مزدور يونين اڳواڻ محمد ابراهيم ڪنراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دريا خان چوڪ کان پيادل مارچ ڪندي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو. لعلورائنڪ ۾شهري اتحاد اڳواڻن مفتي عبدالحليم ڇُٽو، ارباب بُڙدي،خالد شاھ احتجاج ڪيو. راڌڻ ۾ قومپرست تنظيم  جي سڏ تي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين ايس يو پي اڳواڻ غلام شبير منگي، تھميز اڳرو، سماجي اڳواڻ يوسف لاشاري، سنڌ عوامي فورم اڳواڻ علي شير جونيجو،سماجي اڳواڻ نادر ديشي، الطاف کوکر يوسف لاشاري مظھر رند شاھزيب ڪليار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلوي ڦاٽڪ کان ريلي ڪڍي. کورواھ  ۾ پاڻي کوٽ خلاف چڪ 6 جي زميندارن انب ڏيٿو، نورخان مري، عمر ڏيٿو اسماعيل ماڇي، اڪبر ڏيٿو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. هنن چيو ته شيرواھ کير سري بھادرواھ ۾ 6 مھينن کان پاڻي ناھي آيو، جنھن سبب جر جو پاڻي کارو ٿي ويو آھي، مال، ماڻھو ۽ پکي اڃ وگھي مري رھيا آھن، پيئڻ جو پاڻي نٿو ملي شاخ پڪي ڪرڻ جي بھاني پاڻي بند ڪيو ويو آهي.