ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي جي مختلف واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي پيدا ٿيل کوٽ خلاف آبادگارن مڪلي پهچي ڊي سي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان ڏس ۾ مڪلي ۽ گل منڊا جي ڀرپاسي جي ڪيترن آبادگارن بچايو خاصخيلي ، پيار علي موندو ، معشوق خاصخيلي، رفيق خاصخيلي، عبدالغفار خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪيترن آبادگارن ڊي سي آفيس آڏو احتجاج ڪندي چيو آهي ته آبپاشي کاتي ٺٽي پاران بنا سبب ڪيتري عرصي کان ٺي هتان جي ڄامواھه سميت ٻين واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي پاڻي جي بندي هجڻ ڪري هڪ پاسي سندن زمينن ۾مندائتن فصلن جي پوکي ناهي ٿي سگھي ٻئي پاسي شاخن ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري پيئڻ جي پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿي ويو آهي، هنن چيو ته واهن ۾ پاڻي جي نه اچڻ ڪري هو اڄ وگھي تڙپي رهيا آهن پاڻي نه اچڻ ڪري شاخون سڪي ٺوٺ ٿي ويون آهي.