حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عالمي بئنڪ جي وفد ماتلي ويجھو جاڙڪي شاخ جو دورو ڪري ھيڊ ريگيوليٽر جو معائنو ڪيو ۽ آبادگار تنظيم جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي عالمي بئنڪ جي سينيئر آبپاشي انجنيئر ۽ ڪو ٽاسڪ ٽيم ليڊر فرانشو آبادگار تنظيم کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڄاڻايل شاخ تي سنڌ حڪومت طرفان عالمي بئنڪ جي مالي سھڪار سان شروع ڪيل سواٽ پراجيڪٽ تحت ڪينال ماڊرنائيزيشن جو نظام آندو پيو وڃي جنھن تحت شاخ جي وچ ۾ لانگ ڪريسٽ ويئر جوڙي اپ اسٽريم ۾ پاڻي جي سطح کي مٿي رکيو ويندو. ھن چيو ته پاڻي جي سطح کي ان ڪري وڌايو پيو وڃي  ته جيئن واٽر ڪورسن کي پاڻي جي فراھمي يقيني بڻجي سگهي ڇاڪاڻ ته ھن وقت شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي. ڄاڻايل نظام لاڳو ٿيڻ بعد درياهه ۾ پاڻي ھئڻ جي صورت ۾ ڪڏهن به شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ نه ٿيندي. جاڙڪي مائينر جي آبادگار تنظيم (ايف او) جي چيئرمين پير بخش چانگ، وائيس چيئرمين غلام قادر لغاري ۽ ٻين کاتيدارن عالمي بئنڪ جي نمائندن کي آگاھي ڏني ته جاڙڪي مائينر امام واھ جاگير مان نڪري ٿي. شاخ جو ھيڊ ريگيوليٽر مٿي ھئڻ سبب جاڙڪي مائينر پاڻي نٿي کڻي سگھي ان ڪري امام واھ جاگير ۾ پاڻي جي سطح مٿي ٿيڻ بعد جاڙڪي مائينر پاڻي کڻي سگھندي ان لاءِ آبادگار ڪينال ماڊرنائيزيشن پروگرام جي آجيان پيا ڪن. ھنن چيو ته سمورا آبادگار شاخ مان پاڻي کڻڻ لاءِ لفٽ مشين استعمال ڪن ٿا پر ھن نظام کانپوءِ کين لفٽ مشين استعمال ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي جڏهن ته پاڻي چوري کي روڪڻ لاءِ آبادگار تنظيم جي ڪاميٽي ٺاھيل آھي جيڪا پوکائي جي سيزن يا پاڻي جي کوٽ ھجي يا چوري جي شڪايت تي متحرڪ ٿيندي. آبادگار اڳواڻن چيو ته سيڊا طرفان کين ڪينال ماڊرنائيزيشن جي 2 ڏينھن جي تربيت ڏني وئي آھي جنھن بعد هو نظام کي سمجھي چڪا آهن ۽ ڄاڻايل نظام سندن فائديمند ثابت ٿيندو. سيڊا چيئرمين قبول محمد کٽياڻ چيو ته ڪينال ماڊرنائيزيشن تحت شاخ تي پاڻي جي کوٽ، شاخ پاران پاڻي نه کڻڻ، لفٽ ذريعي پاڻي زمينن کي ڏيڻ ۽ ٻيا لاڳاپيل مسئلا حل ٿي ويندا ۽ کين نئين نظام مان وڏيون اميدون آھن. سواٽ جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر مير غلام علي ٽالپر چيو ته آبادگار ھن وقت شاخ تي مختلف مسئلن جو شڪار آھن ڇاڪاڻ ته سندن زرعي پيداوار گھٽ ٿئي ٿي. سواٽ تحت زرعي کاتي طرفان آبادگارن جي زرعي پيداوار کي بھتر بنائڻ لاءِ جديد مشينري، ٻج، تربيت ۽ ٻيون سھولتون فراهم ٿينديون جنهن سان سندن معاشي حالتون بھتر ٿيندي. سيڊا جي جنرل مئنيجر آپريشن جئه رام ڀاٽيا چيو ته ڪينال ماڊرنائيزيشن تي عمل دوران سيڊا جي انجنيئرنگ ونگ توڙي سوشل سيل طرفان آبادگار تنظيم سان سھڪار ڪيو ويندو. ان موقعي تي عالمي بئنڪ جي نمائندن فرانشو اونيمس، اوليور درند، سيڊا، ايريا واٽر بورڊ ۽ زرعي کاتي جي عملدارن سان گڏجي شاخ جو دورو ڪيو ۽ پاڻي جي صورتحال جو جائزو ورتو.