نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد ۽ وارهه تعلقن جي شاخن ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف پاڻي جدوجھد ڪاميٽي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي آرٿر برانچ پل وٽ ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي سينگار نوناري، سرتاج چانڊيو، غلام مصطفيٰ چانڊيو، ايڊوڪيٽ يوسف پتوجو، جبار آزاد منگي، اشفاق مسڻ، مولوي ياسين ڪانڌڙو، خدا بخش سانگھرو، علي گل ڪانڌڙو ۽ ٻين چيو ته نصيرآباد ۽ وارهه تعلقن جي شاخن ۾ پنج مئي تي ايندڙ پاڻي جولاءِ جي 17 تاريخ تائين ناھي پھتو، ڪٿي ٻيجارا ئي ناھن ٿيا ته ڪٿي وري ٿيل ٻيجارا سڙي رهيا آهن، هنن چيو ته حڪمران ڌر جي طاقتور ماڻهن کي پاڻي ڏنو پيو وڃي جڏهن ته عام آبادگار پاڻي لاءِ سڪي رهيا آهن، هنن چيو ته آبپاشي عملدار بااثرن جا منشي بڻيل آهن، ھنن مطالبو ڪيو ته بنا دير زرعي پاڻي ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.