ميرپورخاص(رپورٽ: فهد سلطان چانڊيو) ميرپورخاص ۾ ايندڙ ھفتي ٻن ڏينھن وارو مينگو فيسٽيول ڪرائڻ جو فيصلو، وڏو وزير شرڪت ڪندو، خبر موجب ميرپورخاص ۾ ھن ڀيري مينگو فيسٽيول ٽن ڏينھن بدران ٻن ڏينھن لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، جيڪو 4 جون کان 5 جون تائين منعقد ڪيو ويندو. اھڙو فيصلو مينگو فيسٽيول مئنيجمينٽ ڪاميٽيءَ جي چيئرمين عارف خان ڀرڳڙي جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنھن ۾ ڪمشنر ميرپورخاص، ڊي سي ميرپورخاص، آبادگار اڳواڻن عمر ٻگھيو، علي ڪاڇيلو، اللھه بچايو راڄڙ، گھرام بلوچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ آبادگار بورڊ ميرپورخاص جي اڳواڻ عمر ٻگھئي چيو ته ھن دفعي پاڻي جي کوٽ سبب انب ايترا نه ٿيا آھن جو اسان سٺيون ورائٽيون ھتي رکي سگھون مٿان وري خود آبادگار به احتجاج ڪري رھيا آھن، ان ڪري ھن سال فيسٽيول ملتوي ڪيو وڃي. ھن چيو ته اسان فيسٽيول ملتوي ڪرڻ جي ڳالهه ان ڪري نه ٿا ڪريون ته شھر جا ڪجھه واپاري ۽ مولوي جيڪي اسان جا به دوست آھن، اھي مخالفت ڪري رھيا آھن. ھن چيو ته انھن جو زراعت سان ڪو واسطو ناھي، اھي ڪير ٿيندا آھن اسان آبادگارن جي ھن پروگرام جي مخالفت ڪرڻ وارا؟ ھن چيو ته گذريل سال ۽ ان کان اڳ به اھڙن ماڻھن مينگو فيسٽيول جي مخالفت ڪئي ھئي، جن کي ويھاري ڳالھه سمجھائي وئي ھئي. ھن چيو ته ھنن کي ميوزيڪل پروگرام جي مخالفت ڪرڻي آھي ته ڀلي ڪن، پر فيسٽيول جي مخالفت نه ڪن، ھي فيسٽيول ته 57 سالن کان لڳي رھيو آھي. گڏجاڻي ۾ ڳالھائيندي زرعي ماھر گھرام بلوچ چيو ته ڪجھه ماڻھو ھر سال فيسٽيول جي مخالفت ڪندا آھن ۽ پوءِ جڏھن فيسٽيول منعقد ٿيندو ته منھن ڍڪي فيسٽيول ۾ گھمندا رھندا آھن. ھن چيو ته مخالفت ڪندڙ ماڻھو آبادگارن ئي ناھن، نه ئي اھي ڪڏھن اسٽيڪ ھولڊر رھيا آھن، ھاڻ جڏھن ھن فيسٽيول کي عالمي سطح تي سڃاڻپ ملي رھي آھي ته ان جي مخالفت ڪئي پئي وڃي.گڏجاڻيءَ ۾ ڳالھائيندي آبادگار علي ڪاڇيلو چيو ته پاڻيءَ جي کوٽ سبب سخت پريشان آھن، ھو پنھنجو اھم فصل ڪپھه پوکي ناھن سگھيا، مٿان عيد آھي. ھن چيو ته ساڳي طرح وقت سر پاڻي نه ملڻ ڪري انبن ۾ ڪوالٽي ناھي رھي، گذريل سال اسان تمام گھڻا اسٽال لڳايا، ھن سال جيڪڏھن 20 لڳندا ته ان جو ڪھڙو اثر ويندو. ھن چيو ته آئون ٽيل جي آبادگارن سان گڏ آھيان، جيڪي فيسٽيول کي ملتوي ڪرڻ لاءِ چئي رھيا آھن. ھن چيو ته جيڪڏھن آئون ھتي اسٽال ۾ ويس ته يقينن واپاري منھنجو باغ ڏسڻ چاھيندو، آئون ان کي سرزمين تي ڇا ڏيکاريندس؟ ڇا سُڪل باغ ڏيکاريان؟ ھن چيو ته فيسٽيول منعقد ٿيڻ سان اسان جي پوڇڙين جا ڪاوڙيل آبادگار وڌيڪ ناراض ٿيندا، جيڪڏھن اھي ھتي احتجاج جي صورت ۾ اچي وڃن ٿا ۽ پوليس فائرنگ ڪري ٿي ته ھن فيسٽيول جو اميج ڇا رھندو؟ ان موقعي تي ڳالھائيندي ڊي سي ميرپورخاص ڊاڪٽر رشيد مسعود چيو ته ماحولياتي تبديلين سبب پاڻيءَ جي شديد کوٽ پيدا ٿي، جنھن سبب واقعي آبادگارن کي نقصان ٿيو آھي، خاص طور پوڇڙين جي آبادگارن کي. ھن چيو ته ھيءَ رڳو انبن جي نمائش ناھي، اسان سڌو سنئون ايڪسپورٽرز کي به وٺي اچڻ چاھيون ٿا. ھن چيو ته پوڇڙين جي آبادگارن اسان کي يقين ڏياريو آھي ته ھو ڪو اھڙو مسئلو پيدا نه ڪندا.ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪمشنر ميرپورخاص چيو ته آبادگارن رضامندي ظاھر ڪئي آھي ته اھي ھي فيسٽيول منعقد ڪري رھيا آھن. ھن چيو ته ڪجھه آبادگارن جا مسئلا ھئا، جن کي ڊي سي ميرپورخاص حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آھي، ھن چيو ته مينگو فيسٽيول سڄي دنيا ۾ ميرپورخاص کي ھڪ الڳ سڃاڻپ ڏني آھي. ھن ھن دفعي فيسٽيول ۾ ثقافتي شين جا اسٽال پڻ لڳايا ويندا، جڏھن ته ميوزيڪل پروگرام سميت ٻيا جيڪي پروگرام ھئا اھي ملتوي ڪيا ويا آھن.اجلاس ۾ بحث مباحثي بعد فيصلو ڪيو ويو ته فيسٽيول منعقد ڪيو ويندو، جنھن جي افتتاحي تقريب ۾ زراعت جو وزير شرڪت ڪندو، جڏھن ته ٻئي ڏينھن ٿيندڙ اختتامي تقريب ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھه شرڪت ڪندو.