ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙي سائيٽ ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيمون ناڪارا هجڻ ۽ پاڻيءَ جي بحران خلاف اوور هيڊ برج تي ٽائر ساڙي احتجاج، ٽريفڪ جي اچ وڃ بند ٿي وئي.ڪوٽڙي سائيٽ ۾ پوپٽ خاصخيلي ڳوٺ، خدا جي بستي ۽ مسلم ٽائون ۾ قائم واٽر سپلاءِ اسڪيمون غيرفعال هجڻ ۽ خدا جي بستي، ٻٻر اسٽاپ، گلشن مبارڪ ڪالوني ۽  بلوچ ڪالونيءَ سميت اٽڪل 12 کان وڌيڪ ڪالونين ۾ لائينن ذريعي پاڻيءَ جي عدم فراهميءَ خلاف سائيٽ جي رهواسين ڪوٽڙي ڦاٽڪ وٽ اوور هيڊ برج تي ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪيو، جڏهن ته احتجاج سبب ڪوٽڙي کان ڄامشوري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن خالد ٽالپر، صدام برهماڻي، عبدالستار، شهباز علي ۽ ٻين چيو ته ڪوٽڙي سائيٽ ۾ پوپٽ خاصخيلي ڳوٺ،خدا جي بستي ۽ مسلم ٽائون جون واٽر سپلاءِ اسڪيمون گذريل ڪيتري ئي عرصي کان غيرفعال بڻيل آهن، جنهنڪري لائينن ذريعي پاڻيءَ جي فراهمي مسلسل بند آهي ۽ علائقي واسي ٽينڪرن ذريعي ڳري اگھ تي پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. هنن چيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي جا عملدار واٽر سپلاءِ اسڪيمون فعال ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. هنن ڊي سي ڄامشورو سميت اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واٽر سپلاءِ اسڪيمون جلد فعال ڪري سائيٽ ۾ لائينن ذريعي پاڻي ڏنو وڃي.