ملڪاڻي شريف(ن پ ا) کوسڪي ڊسٽري مائنر جي آرڊي 28 ويجهو مختلف واٽرڪورس جي ڇهن آبادگارن  نورحسن ولد رمضان پنهور  ميرحسن ولد عثمان پنهور  غلام نبي ولد محمد رمضان پنهور  سميت ڇهن آبادگارن تي ڊائريڪٽ شاخ مان پائيپ هڻي ونجهيون هڻي غيرقانوني پاڻي چوري ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ٽائيم نيوز پاران رابطو ڪرڻ تي آبپاشي ايس ڊي او خيرپورگنبوهه سيد سجاد علي  شاه ٻڌايو ته کوسڪي شاخ جي  مختلف جاين تان پاڻي چوري وهائيندڙ  تي آبپاشي عملي پڪڙيو آھي جنهن تي ڇهن آبادگارن تي پاڻي چوري جو ڪيس پنگريو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آھي پاڻي چورن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪندس پاڻي چورن خلاف سخت ڪاروايون جاري رهنديون ڪيڏو به بااثر هجي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪندس