
ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌو درياءَ مان 6 تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ مسلسل سراپا احتجاج، مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا، ريليون، ٺري ميرواهه ۾ پوليس جي ڪارروائي، احتجاج ڪندڙ اڳواڻ گرفتار، خبر موجب سکر ۾ غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن ڊاڪٽر آفتاب شر، ڊاڪٽر منصور سهتو، ڊاڪٽر شير زمان شاهه، ڊاڪٽر ساجد خادم شر، ڊاڪٽر شاهزيب شاهه، ڊاڪٽر حليم کوسو، ڊاڪٽر حليم ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، لاڙڪاڻي ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين پاران ڄام جمالي، عبدالحق کوسو، منظور ڪلهوڙو، علي رضا گاد، نظام عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، جڏهن ته پ پ طرفان اعجاز لغاري جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي جناح باغ چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي ۾ ايم پي اي جميل احمد سومرو، خير محمد شيخ، انور علي لهر، ڊاڪٽر سڪينه گاد ۽ ٻين شرڪت ڪئي، قمبر ۾ رائيس ملرز ايسوسيئيشن، رائيس ملز مزدور يونين طرفان الطاف تنيو، خان محمد مگسي، هاشم چانڊيو، عبدالمجيد رند، شعيب گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهداءَ چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، نوشهروفيروز ۾ نوجوانن رزاق رند، رضوان علي ۽ بين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ قاضي احمد ٻانڀڻ ۾ اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻين پيادل مارچ ڪيو، دادو ۾ ٽريڊ يونين جي اڳواڻن ڪامريڊ انور پنهور ، عاشق زئور، ضمير ڪوريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جاتي ۾ عادل لغاري، علي وارث شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ميھڙ بار ايسوسيئيشن پاران اصغر پتوجو، منور جتوئي، سعيد پنھور، نجيب مھيسر۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي، خيرپورناٿن شاهه ۾ جسقم شهيد بشير گروپ جي سڏ تي ڪارڪنن، شاگردن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو، سن ڀرسان شالماڻي اسٽاپ تي سياسي سماجي تنظيمن ۽ آبادگارن خير محمد کوسو، لقمان کوسو، محمد ھاشم ڇڇر، سومر ڇڇر، آڪاش کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، ٽنڊو ڄام ۾ زرعي يونيورسٽي ڪالوني جي نوجوانن پاران زرعي ڪالوني جي مارڪيٽ کان شبير سنڌي، جنيد سومرو، عبدالله ويسر،علي منگن ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي، چوٽياريون ويجهو ڳوٺ ڊڀري جي اسڪول جي شاگردن، استادن ۽ شهرين طرفان پنھل راڄڙ، مشتاق راڄڙ، صابن راڄڙ، موسيٰ راڄڙ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، مورو ۾ مختلف قوم پرست جماعتن جي ڪارڪنن احتجاجي مظاھرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بند ڪري ڇڏيو، گپچاڻي ۾ صحافين، سياسي سماجي اڳواڻن ذوالفقار خاصخيلي، امير مغيري، نزاڪت علي، عنايت بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، فيض گنج ۾ پي ٽي آءِ جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين مهراڻ هاءِ وي کان ضمير چانگ، شاذ خادم شر، فراز چانگ، تصور باقي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، خانپورمهر ۾ علائقي واسين محمد خان شر، ڪامريڊ دودو مهر، عبدالحسين لُنڊ، نزاڪت علي، سعيد لُنڊ، ڪپتان لُنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مين چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو، ٺري ميرواهه ۾ نوجوانن نوتئي واريو ڪڙيو اسٽاپ وٽ ٺري سکر روڊ بند ڪري شاھزيب شر، آفاق شر، شھباز حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻن ڪلاڪن تائين احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو، نوجوان پاران پاڻمرادو ڌرڻو ختم ڪري وڃي رھيا ھئا ته پوليس ميرواھ بچايو اتحاد جي اڳواڻ آفاق شر کي رستي تان کنڀي ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو، بهرام ۾ ورڪنگ جرنلسٽس جي سڏ تي سياسي سماجي اڳواڻن محسن قاضي، حيات تينو، غازي عبدالحفيظ، ظفرالله ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ڪنري ۾ ارون ڪمار، غلام نبي خاصخيلي، محسن رند، مھيش ڪمار جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪيو ويو، ڪوٽ غلام محمد ۾ اياز ڪالرو، وڪيل منصورڪالرو، امان الله ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ڊکڻ ۾ سياسي سماجي اڳواڻن رحيم بخش ٿهيم، ڪريم بخش بروهي، سڪندر جکراڻي، ارسلان ٿهيم، اورنگزيب جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٺري ميرواهه ۾ عوامي تحريڪ پاران وسند ٿري، نور احمد ڪاتيار، علي مدد لغاري، امير بخش منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، کورواهه ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ سجاڳ ٻار تحريڪ پاران ڪامريڊ يوسف لاشاري، اسماعيل لاشاري، قادر لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪيو ويو، سيراڻي جي يونين ڪائونسل محمد شاھ گرهيڙي ۾ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سوين ماڻهن ڊاڪٽر يوسف خاصخيلي، علي اصغر شاهه، امير بخش سومرو، حنيف ڏيانگ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٽنڊوباگو ۾ جسقم پاران سليمان جروار ۽ سجاد شاهه جي اڳواڻي ۾ بدين تائين پيادل مارچ ڪيو ويو، وارهه ۾ عوامي تحريڪ جي سڏ تي غلام مصطفيٰ کاهوڙي، علي گل چانڊيو، سرتاج چانڊيو، عزيز ڪنڀر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته وفاق ۽ پنجاب سرڪار پاران سنڌو درياءَ تي غير شرعي، غير قانوني ۽ غيرآئيني ڪئنال ٺاھڻ واري عمل جي اسين مزمت ڪيون ٿا، هنن چيو ته سازش تحت ھڪ سياسي پارٽي جمھوريت جي نالي تي 7 ڪروڙ سنڌ جي ماڻھن کي خوبصورت نالن ۽ نعرن سان دوکو ڏئي رھي آھي، حڪمرانن سنڌ جي ماڻھن کي اڃيو بکيو مارڻ لاءِ ڇھن غيرقانوني ڪئنالن جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته ڪئنال منصوبو فوري طور ختم ڪري سنڌ جي ماڻھن سان انصاف ڪيو وڃي.