اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعظم جي بين الصوبائي رابطن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو آھي ته مسلم ليگ ن جي سربراه ميان نواز شريف ۽ وزير اعظم شهباز شريف پيپلزپارٽي سان ڳالهين جي ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ وزير اعظم جي صلاحڪار رانا ثناء الله خان چيو ن ليگ صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته صوبن جي مضبوطي کي وفاق جي مضبوطي سمجهون ٿا، عوام جي حقن تي سمجهوتو ڪيو آهي نه ڪنداسين، صوبن وچ ۾ پاڻي سميت وسيلن جي منصفاڻي ورڇ تي مڪمل يقين رکون ٿا.