پاڻي ماهر اي اين جي عباسي جي وڇوڙي تي سسئي پليجو جو بيان

0
164
پاڻي ماهر اي اين جي عباسي جي وڇوڙي تي سسئي پليجو جو بيان
پاڻي ماهر اي اين جي عباسي جي وڇوڙي تي سسئي پليجو جو بيان

ڪراچي : پاڻي ماھر اي اين جي عباسي جي وڇوڙي تي پ پ اڳواڻ سينيٽر سسئي پليجو ڏک جو اظھار  ڪيو آهي

سسئي پليجو چيو آهي ته اي اين جي عباسي پاڻي جي اھم موضوع تي مھارت رکندڙ ھو ۽ ھن ڀرپور انداز ۾ سنڌ جي پاڻي جو ڪيس وڙھيو

سسئي پليجو موجب اي اين جي عباسي ڪالا باغ ڊيم خلاف ٽيڪنيڪل ۽ برجستا دليل ڏئي مشرف جھڙي ڊڪٽيٽر کي به پوئتي ھٽڻ تي مجبور ڪيو

سسئي پليجو چيو ته سنڌ گذريل ڪيترن ئي سالن کان پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رھي آھي، اي اين جي عباسي سنڌ جي ماڻهن کي پاڻي جي ڏڪار کان بچائڻ لاءِ سدائين آواز اٿاريو

هي به پڙهندا

سنڌ جو ناليوارو پاڻي ماهر اي اين جي عباسي لاڏاڻو ڪري ويو