ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھه ڪراچي يونيورسٽي وٽ پاڻي جي لائين ڦاٽڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته واٽر بورڊ انهي لائين جي جلد مرمت ڪرائي پاڻي جي فراهمي بحال ڪري، اها ڳالهه برداشت جوڳي ناهي ته روزانو ڪا نه ڪا پاڻي جي لائين ڦاٽي ٿي پوي ۽ شهرين کي تڪليفن جو منهن ڏسڻو  پوي، انهي مسئلي جو مستقل حل ڳولڻ ضروري آهي. واٽر بورڊ کي پنهنجي سسٽم کي مضبوط بنائڻو پوندو ڪالهه ڪي 4 رٿا تي اڳڀرائپ جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪوٺايل اجلاس ۾هن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته انتظامي رڪاوٽن کي جلد ختم ڪيو وڃي. هن مڪاني کاتي کي هدايت ڪئي ته ٽينڊرن جو عمل تڪڙو مڪمل ڪري،  سڀئي ضروري اين او سيز حاصل ڪري ته جيئن ٽن مهينن اندر 71.8 ارب رپين جي هن منصوبي تي عملي ڪم شروع ٿي سگهي. هن چيو ته ڪي4 لاءِ ايشين انفرسٽڪچر انويسٽمينٽ بينڪ، ورلڊ بينڪ ۽ سنڌ حڪومت مالي مدد مهيا ڪري رهيا آهن. معاهدي تي 12 مئي  تي صحيحون ٿيڻ جا امڪان آهن.