ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪئنالن خلاف سنڌ جو آواز اسلام آباد تائين پهچائينداسين، هن جدوجهد ۾ سنڌ جي عوام کي مايوس نه ڪنداسين، بلاول ڀٽو سنڌ  جي اطلاعات کاتي پاران بي روزگار نوجوانن لاءِ تيار ڪيل “آءِ ورڪ فار سنڌ ڊاٽ ڪام” ايپ جو افتتاح ڪري ڇڏيو.  وزيراعليٰ هائوس ۾ افتتاحي تقريب دوران خطاب ڪندي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان سمجهون ٿا ته مسئلن جو سياسي طريقي سان حل ڪڍي سگهجي ٿو، سنڌ اسيمبلي پاڻي مسئلي تي واضح نياپو ڏنو آهي، سٺي ڳالهه آهي جو ڪجهه ماڻهن کي هن معاملي جي سنگيني جو احساس ٿيو آهي، حقيقت ۾ پاڻي کوٽ ڪو نئون مسئلو نه آهي، اسلام آباد ۾ چهرا تبديل ٿيندا آهن پر هر حڪومت ۾ اهو ئي اشو هوندو آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ 2 ڪئنال ٺاهڻ گهريا ته پيپلز پارٽي اُن جو مقابلو ڪيو، شهباز حڪومت ۾ به اهڙي منصوبي خلاف وڏو وزير آواز بڻيو، سنڌ کي 91ع ٺاهه تحت پاڻي ڏيارڻ لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين، ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  چيو ته سنڌ حڪومت جاب پورٽل لانچ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي صوبي جا نوجوان پنهنجي رجسٽريشن ڪرائي سگهندا. هن چيو ته هن پليٽ فارم تي نوڪري فراهم ڪندڙ ۽ روزگار جا متلاشي هڪ ئي هنڌ گڏ ٿيندا، جنهن سان صوبي جي ترقيءَ جي رفتار تيز ٿيندي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان جي 65 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، تنهنڪري سنڌ حڪومت هي جاب پورٽل متعارف ڪرايو آهي. هن ايپ ذريعي نه رڳو پڙهيل لکيل پر هُنرمند ماڻهو به پنهنجو سي وي اپلوڊ ڪري سگهندا ته جيئن کين سندن قابليت موجب نوڪري جا موقعا ملي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت نجي شعبي جي ادارن سان به رابطو ڪيو آهي ته جيئن هو به هن پورٽل ذريعي روزگار جا موقعا فراهم ڪن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ موقعن جي سرزمين آهي، جتي ٽيلنٽ ۽ ترقيءَ جي بيپناهه صلاحيت موجود آهي. پيپلز پارٽي جي قيادت هيٺ، سنڌ صوبي بي مثال ترقي ڏٺي آهي ۽ هي جاب پورٽل به ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. هن چيو ته هن پورٽل ذريعي هُنرمند نوجوانن کي سندن قابليت مطابق نوڪريون ڏنيون وينديون، ۽ هي پورٽل روزگار جي تلاش ۾  ماڻهن لاءِ هڪ “گيم چينجر” ثابت ٿيندو.