نيويارڪ(م ڊ) گڏيل قومن ۾ پاڪستاني سفير صائمه سليم ڀارت کي چيو آهي ته اهو رياستي دهشتگردي بند ڪري نتيجا ڏيندڙ ڳالهين جي شروعات ڪري. سلامتي ڪونسل ۾ کليل مباحتي دوران صائمه سليم چيو ته هندستان هڪ دفعو ٻيهر گمراهه ڪندڙ ڄاڻ جو سهارو وٺي ڇڏيو آهي، ڀارت طرفان گهمايل ڦرايل حقيقتن کي لڪائي نٿو سگهجي. صائمه سليم ٻين لفظن ۾ چيو ته هندستان والاريل ڪشمير ۾ شهرين کي قتل ۽ زخمي ڪندو آهي، پاڪستانين تي حملا ڪري شهرين کي نشانو بنائيندو رهيو آهي. سلامتي ڪونسل مباحثي ۾ صائمه سليم چيو ته جيڪڏهن هندستان واقعي امن، سلامتي ۽ سٺي پاڙيسري جي اصولن تي ڪاربند آهي ڀارت کي گهرجي ته هو رياستي دهشتگردي بند ڪري، ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ستم جو سلسلو ختم ڪري، عالمي قانون، گڏيل قومن جي منشور ۽ ٻطرفي معاهدن جي پاسداري ڪري ۽ جمون ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل جي لاءِ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون شروع ڪري، جيئن سلامتي ڪونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب آهي.