اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ کي انسانيت خلاف جرم قرار ڏنو آھي، جڏهن ته اپوزيشن وزير اعظم، پرڏيهي وزير ، وزير دفاع ۽ ٻين جي اسيمبلي ۾ عدم موجودگي کي حڪومت جي عدم دلچسپي قرار ڏيندي قومي يڪجهتي جي مظاهري لاءِ عمران خان کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪالھه به ڀارتي جارحيت خلاف بحث جاري رهيو. بحث ۾ حصو وٺندي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت جنونيت جي ضد تي آهي ته اسان به جهُڪڻ وارا نه آهيون، پاڻي روڪڻ پاڪستان کي سزا نه پر انسانيت خلاف ڏوهه آهي، سنڌو درياهه رڳو اسان جي زمين نه، پر رڳن ۾ وَهَي ٿو درياهه ڀارتي حڪومت نه، پر قدرت جي حڪمن جا پابند آهن، هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته دُنيا کي ٻڌائڻ گهرون ٿا ته پاڪسان پهلگام واقعي ۾ ملوث نه آهي، ڀارتي سرڪار غيرذميواري جو مظاهرو ڪري رهي آهي، پر پاڪستان جي عوام ڊپ ۾ جيئڻ سکيو ئي ناهي، ملڪي سلامتي ۽ وقار تي رهنڊ به اچڻ نه ڏينداسين، ڀارت کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي مان دهشتگردي جا ٽڪساٽ ڪڍڻا پوندا، جنگ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي، ڳالهين وسيلي تڪرارن جو حل ئي اثرائتو ذريعو آهي، خطي کي دهشتگردي کان آجو ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.سڌسماء جي وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته مودي جون تمام پاليسيون ناڪام ٿي چڪيون آھن دشمن مڪار دبدنيت ۽ بي وقوف به آھي عالمي ميڊيا به چوي پئي ته پهلگام واقعي سان پاڪستان کي لنڪ ڪرڻ جو ڀارت وٽ ڪو ثبوت ناهي ڪشمرين جي حمايت مرڻ تائين جاري رکندا سين اسان دهشتگردي خلاف فرنٽ لائين اسٽيٽ آھيون دهشتگردي خلاف جنگ اسان وڙهو ۽ الزام به اسان تي ڀارت کي شرم اچڻ گهرجي ڀارت دهشتگردر جو سڀ کان وڏو سپوٽر آھي اگر اسان طرف وڌيا ته اهڙو حشر ڪندا سين جو دنيا ياد ڪندي. اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته وزير اعظم، پرڏيهي وزير، دفاع وزير ايوان ۾ ناهن ان مان حڪومت جي سنجيدگي جو اندازو ڪري سگهجي ٿي قومي يڪجهتي لاءِ ڇا حڪومت به سنجيده آھي، اگر مودي پاڪستان خلاف ايڊوينچر ڪيو ته قوم لوهي ديوار بڻجي ويندي، قومي يڪجهتي چاهيو ٿا ته سٺو لڳي يا خراب اوهان کي عمرن خان کي آزاد ڪرڻو پوندوجي يو آءِ جي مولانا غفور حيدري چيو ته نٿا چاهيو ته ڀارت سان جنگ ٿي پر اگر ڀارٿ بدماشي تي لهي اچي ته اسان ڄمي بهيندا سين اقوام متحده جي قراردادن تي عمل نٿو اچي.اسد عالم نيازي چيو ته سنڌو ۾ اگر پاڻي نه وهندو ته ڀارت جون خون وهندو , اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته ايوان خالي آھي وزير ڇا بزنس ڊيل ڪرڻ وڃن ٿا مطلب ته مسلم ليگ وارن سرينڊر ڪري چڪي آھي مسلم ليگ ضياء الحق جي اعجاز الحق چيو ته حڪومت کي مان به چوندس ته پارليامينٽ طرف ٿورو ڌيان ڏئي اگر مجبوري سبب وزير اعظم نٿو اچي سگهي ته وزيرن کي موجود هجڻ گهرجي پيپلزپارٽي جي سحرڪامران چيو ته اگر وطن تي ڪو حرف آيو ته انتظار نه ڪندا سين پاڪستان تي لڳايل دهشتگردي جي الزام کي پوري قوم رد ڪري ٿي.ايم ڪيو ايم جي فاروق ستار چيو ته دنيا تي واضح ٿي ويو آھي ته مودي مائينڊ سيٽ دنيا جي امن لاءِ خطرو آھي، عالمي ضمير جاڳي رهيو آھي مودي جي سوچ زمين بوس ٿي رهي آھي پاڪستان ٽوڙڻ ۾ ڀارت طاقت جو استعمال ڪيو هيو بنگلاديش ۾ ويهاريل ڀارت جي ايجنٽ جون تصويرون عوام ڪڍي ٻاهر ڪري ڇڏيو ڀارت هڪ ايجنٽ کي پناه ڏني آھي اها ان جي پرڏيهي پاليسي جي وڏي ناڪامي آھي پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ آھي . پي ٽي آءِ چيئرمين بيريسٽر گوهر چيو ته هڪ طرف پاڪستان ۽ هڪ طرف ٻه ڀارت آھن هڪ طرف ڀارت ۽ ٻئي طرف مودي جو ڀارت آھي مودي پهريون ڀيرو سنڌ طاس معاهدو معطل ڪيو آھي پر ڀارت پاڻي نٿو روڪي سگهي مودي جي پاڪستان دشمني کي رد ڪيون ٿا پاڪستان سنڌ طاس معاهدي کي عالمي عدالت ۾ کڻ وڃي .