محبت ديرو (ن پ ا) محبت ديرو ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن پاران پيادل مارچ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنھن جي اڳواڻي  بدرالدين سولنگي، گل محمد، عنايت علي لاشاري، رجب علي گاڏهي، الطاف قريشي، غفار ڪلهوڙو ۽ قدير راجپوت سميت ٻين آبادگارن پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب تي احتجاجي مظاھرو ڪندي صحافين اڳيان  دانهيندي چيو ته سيال مائينر ۾ وارا بندي ڪرائي پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪرائي پئي وڃي  هنن چيو ته هينئر اسان کي ڪڻڪ پوکڻ ۽ باغن کي پاڻي ڏيڻ لاء پاڻي جي سخت ضرورت آهي پر ايريگيشن عملو ملي ڀڳت ڪري هٿرادو کوٽ ڄاڻائي پاڻي بند ڪيو آھي جنھن ڪري اسان جا باغ سڪي رهيا آهن جنهن جي ڪري اسان جو لکين ڪروڙين جو معاشي نقصان ٿي رهيو آهي آبادگارن چيو ته معلوم ٿيو آهي ته مٿي مؙهڙ کان سيال مائينر جا در هيٺ ڪرائي بااثرن کي پاڻي وڪرو ڪيو ٿو وڃي ۽ ھيٺ اسان جا فصل سڪي رھيا آھن هنن نگران سنڌ حڪومت توڙي ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته سيال مائينر ۾  پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ختم ڪرائي ملوث ايريگيشن عملدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ انجينيئر روهڙي ڪئنال سب ڊويزن اڳيان سخت احتجاجي مظاھرو ڪيو ويندو.