نئون ڪوٽ: پاڻي جي لاڳيتي کوٽ سبب واٽر سپلاءِ جا تلا به سڪڻ لڳا جنهن جي  ڪري نئون ڪوٽ، ڪلوئي، مٺي جي شھري آبادي سميت 50 کان وڌيڪ ٻھراڙي جي ڳوٺن ۾ پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو، نئون ڪوٽ جي پندرهن هزار، ڪلوئي جي پنج هزار ۽ مٺي جي پنجويھ هزار شھري آبادي پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ سبب سخت مشڪلاتن جو شڪار ٿي وئي، جڏهن ته پاڻي جي کوٽ سبب بااثرن ۽ اميرن اڳواٽ پاڻي ٽينڪرن ذريعي پاڻي جمع ڪرائي ڇڏيو ٻئي پاسي غريب ماڻهو پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان ٿي نلڪن ۽ کوهن جو ڪڙو پاڻي واپرائڻ تي مجبور ٿي ويا، کارو ۽ گندو پاڻي واپرائڻ سبب ڄاڻايل علائقن جا ماڻهو گيسٽرو، پٿري ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ لڳا، ان ڏس ۾ علائقي واسين عثمان هالو، ربنواز نھڙي، الياس ۽ ٻين ٻڌايو ته پاڻي جي کوٽ سبب اسان پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ پريشان ٿي ويا آهيون، جانور، پکي پاڻي نه ملڻ ڪري تڙپي مري رهيا آهن، جر جو پاڻي واپارائڻ ڪري علائقي ۾ ماڻهو گيسٽرو، چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جڏهن ته شديد گرمي ۾ پاڻي نه ملڻ ڪري علائقي ۾ بيٺل وڻ ٻوٽا به سڙي تباھ ٿي ويا آهن.