ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن سول سوسائٽي جي نمائندن، عورتن جي حقن جي ڪارڪنن، سرڪاري عملدارن، ۽ پاڻي ماهرن سنڌ جي ٻھراڙي جي عورتن کي پاڻي جي وسيلن جي انتظام ۾ بااختيار بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. واش (پاڻي، نيڪال ۽ صفائي سٿرائي) جي قانوني ۽ پاليسي فريم ورڪ بابت ورڪشاپ کي خطاب ڪندي عورتن جي  ترقي  واري صوبائي وزير  شاهينا شير علي سنڌ اسيمبلي جي  ميمبرن  تنزيلا قمبراني،  ندا کهڙو ۽ ياسمين شاھ سماجي اڳواڻ ثمينه نذير چيو ته پاڻي جي انتظام بابت فيصلن ۾ عورتن جي فعال شموليت رڳو صنفي برابري جو مسئلو ناهي، پر ٻھراڙي ۾ پائيدار ۽ اثرائتي پاڻي حل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پڻ ضروري آهي. هنن چيو ته سڀ کان وڌيڪ ماحولياتي خطري ۾ رهندڙ ٻهراڙي واريون برادريون بنيادي سهولتن کان محروم آهن۔ اهي سخت موسمي حالتن ٻوڏ، سوڪهڙي ۽ سخت گرمي جو شڪار ٿين ٿيون، جيڪي نه رڳو زندگين تي اثر وجهن ٿيون، پر روزگار جي ذريعن کي به نقصان پهچائين ٿيون ۽ واش  سميت بنيادي ڍانچي کي تباهه ڪن ٿيون.