ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجينئر سيد صلاح الدين احمد پنهنجي هڪ پيغام ۾ چيو تہ 22 مارچ تي پاڻي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪراچي جي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ واٽر ڪارپوريشن جي پيش رفت کي اجاگر ڪرڻ تي کيس فخر آهي. مختلف شھري چئلينجن جي باوجود، اسان جي ٽيم غير قانوني ڪنيڪشن کي روڪڻ، آمدني وڌائڻ ۽ ڊجيٽل جدت اختيار ڪرڻ ۾ بھترين ڪاڪردگي جو مظاھرو ڪري رھي آھي جڏهن تہ اسان پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي اڳتي وڌائيندي شهرين کي اثرائتي خدمتن ۽ استحڪام کي ترجيح ڏيون ٿا. هن چيو ته اسان جو ڌيان غير رسمي آبادين کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ تي آهي ته جيئن پاڻي مان پيدا ٿيندڙ مختلف بيمارين کي گهٽائي سگهجي. ٻئي طرف واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان ٻڌايو تہ هميشہ وانگر واٽر ڪارپوريشن انتظاميا پاران پاڻي جي تحفظ، ريسائڪلنگ ۽ ٻيهر استعمال جي اهميت بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪراچي واٽر سمٽ ”واٽر فار پيس“ تحت پاڻي جو عالمي ڏينهن وڏي جذبي سان ملهائن جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ۽ ان سلسلي ۾ واٽر ڪارپوريشن انتظاميہ سول سوسائٽي، ملٽي نيشنل ۽ نيشنل اين جي اوز سميت مختلف ادارن خاص ڪري صحت ۽ تعليم واري کاتي کان توقع ڪري ٿي تہ پاڻي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڻي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاء مختلف يونيورسٽين، ڪاليجن، اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ پاڻي جي تحفظ، ريسائڪلنگ ۽ ٻيهر استعمال جي اهميت بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ سيمينار منعقد ڪيا وڃن تہ جيئن ايندڙ نسلون پاڻي جي اهميت ۽ ان جي فائدن کان واقف ٿي سگهن.