لاهور(م ڊ) پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) پنجاب جي اڳواڻن چيو آهي ته پاڻي جو تحفظ سنڌ جو حق آهي، سندس خدشا ختم ڪيا وڃن، ڊيٽا موجب ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، ڪئنالن وارو معاملو ٽيڪنيڪي آهي ان کي ٽيڪنيڪي بنياد تي ئي ڏٺو وڃي. پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، نواز ليگ طرفان راڻا ثناءَ الله، اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان ۽ سينيئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب شريڪ ٿيون جڏهن ته پيپلز پارٽي پاران گورنر پنجاب سردار سليم حيدر، نديم افضل چن، حسن مرتضيٰ ۽ علي حيدر گيلاني شرڪت ڪئي. ان دوران پنجاب ۾ پاور شيئرنگ جي حوالي سان هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي ڳالهيون ٿيون جڏهن ته ملڪي حالتن کي نظر ۾ رکندي گڏ هلڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي حسن مرتضيٰ چيو ته پاڻي جي ورڇ ارسا طئي ڪندو آهي ڪئنالن وارو معاملو ٽيڪنيڪي آهي ۽ ان کي ٽيڪنيڪي بنيادن تي ئي ڏسڻ گهرجي، نوان ڪئنال ڪڍيا ويندا ته پاڻي ڪٿان ايندو، اسين پنهنجي پنهنجي موقف تي قائم آهيون، ڳالهين ذريعي ئي بهتر نتيجا نڪرندا. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ملڪ احمد جو چوڻ آهي ته ارسا ۾ پاڻي جي ورڇ وارو معاملو طئي آهي جنهن تي سڀني جو اتفاق آهي. سنڌ جو حق آهي ته پنهنجي پاڻي جي حفاظت ڪري، هن وڌيڪ چيو ته 10 ملين ايڪڙ پاڻي جو گيپ آهي سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ پاڻي واري معاملي تي ڊيٽا موجب ڳالهيون ڪنداسين. ڪنهن سان زيادتي نه ٿيڻ گهرجي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مقامي سطح تي عوامي نمائندن کي اختيارملڻ گهرجي پ پ به چاهي ٿي ته سٺي گورننس هجي.