ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ بار ڪائونسل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي چيئرمين سعيد عباسي چيو آهي ته سنڌو درياءُ تي ڇهن ڪينالن واري رٿا خلاف اسان جا وڪيل 4 ڏينهن کان ٻٻر لوءِ باءِ پاس وٽ احتجاج ڪري رهيا آهن، سنڌ جو پاڻي سنڌ جي بقا جو مسئلو آهي، ان مسئلي تي وفاق چئني صوبن کي اعتماد ۾ وٺي. سنڌو درياءُ سنڌ جي مستقبل جو مسئلو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پريس ڪانفرس ڪندي سعيد عباسي چيو ته سنڌ جي آباد زمينن کي غيرآباد ڪرڻ وارو منصوبو وفاق کي ڪمزور ڪندو. سنڌ ۾ پهريان ئي پاڻي گهٽ آهي ۽ ڪراچي ۾ به پاڻي جي شديد کوٽ آهي. وفاقي حڪومت ۽ آرمي چيف کي عرض آهي ته معاملي کي فوري طور حل ڪيو وڃي. سائلن کي پريشان نٿا ڪرڻ چاهيون، پر اسان جي مجبوري آهي ڇو جو پاڻي سموري سنڌ جو مسئلو آهي، پاڻي جو مسئلو سائلن، جج توڙي وڪيلن جو به آهي اسان جو پرامن احتجاج آهي, جيستائين وفاقي حڪومت ڪينالن جو نوٽيفڪيشن واپس نه وٺندي تيستائين احتجاج ختم نه ڪيو ويندو. ڪراچي جي عوام کي به گذارش آهي ته هو به وڪيلن جو ساٿ ڏين. فائرنگ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. هن چيو ته احتجاج ۾ سنڌ جون سموريون بار شريڪ آهن ضرورت پئي ته سموري ملڪ جي بارز سان رابطو ڪيو ويندو.