ميھڙ(ن پ ا) نامياري ليکڪ سياسي اڳواڻ ڪامريد حسين بخش ٿيٻو ميھڙ بار ۾ سنڌ جي پاڻي جي مسئلي ۽ جبري گمشدگين بابت ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي چيو آھي ته حڪمران جنگين مان سبق ناھي سکيو سنڌ ۾ جيڪو پاڻي تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي اھو مسئلو پراڻو آھي پاڻي مسئلي تي سنڌ سان ناانصافي پراڻي آھي پنجاب پنھنجا درياء کپائي ھاڻي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو پيو ھڻي. پاڻي معاھدن تي عمل نه پيو ٿئي ناانصافين تي ٻڌل رياست گھڻو وقت ھلي نه سگھندي ھن چيو ته کنڀي گم ڪرڻ وارو عمل دنيا جي آئين مطابق ھڪ ڏوھاري عمل آھي ان کي ھڪ وڏو ڏوھ قرار ڏنو ويو آھي ان کي جنگ يا ملڪ جي اندروني ھنگامن ، حالتن سان مشابهت ڏيڻ قانون ۽ آئين جي ابتڙ آھي اھو ڪنھن به ريت قبول جوڳو ناھي اھو عمل عدالتن ۽ آئين جي خلاف آھي ۽ ھڪ جرم آھي پاڪستان ۾ جبري گمشدگي ھڪ وڏو مسئلو آھي حڪمران تاريخ کان سبق حاصل ڪن عالمي عدالتون جبري گمشدگي خلاف نوٽيس وٺن ھن چيو ته پاڪستان ۾ قانون ۽ آئين کي ٽوڙيو ويو آھي پاڻي چوري ۾ پاڪستان جون طاقتور قوتون ۽ سياسي قوتون گڏ آھن تقريب ۾ ميھڙ بار جي صدر وڪيل علي اصغر پتوجو ، وڪيل منور جتوئي ، وڪيل سعيد پنھور ،وڪيل علي انور ساھڙ ، وڪيل عابد ڪلھوڙو ، وڪيل شير علي چانڊيو ، زاھد سومرو ، فيض الله جوڻيجو سميت وڏي تعداد ۾ وڪيلن ، شھرين شرڪت ڪئي.