مورو (ن پ ا) جسقم اڳواڻ نياز ڪالاڻي چيو آهي ته سنڌو درياءَ مان 6 ڪينال ڪڍڻ ۽ پاڻي تي ڌاڙو سنڌ جو عوام ڪڏهن به برداشت نه ڪندو، 22 نومبر تي نوشهروفيروز قومي شاھراهه تي تاريخي ڌرڻو هڻي پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ روڊ بند ڪيا ويندا، هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سياسي سماجي، علمي، ادبي ۽ قومپرست تنظيمون ڌرڻي ۾ شرڪت ڪن، هن چيو ته صدر جي منظوري سان 6 ڪينال ڪڍيا پيا وڃن، جيڪو عمل سنڌ دشمني وارو آهي، سنڌو درياءَ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي جياپي جو ذريعو آهي، ڪينال ڪڍڻ سان سنڌ جون زرعي زمينون بنجر ٿي وينديون.