ٽنڊو آدم(ن پ ا) ٽنڊو آدم ويجهو ڳوٺ سچيڏنو ورياهه ۾ واقع نعمت بسال آئل فيلڊ اڳيان سانگھڙ جهول روڊ تي درياءُ بچايو ڪاميٽي پاران سرور ابڙو، باغي مجاهد ٿهيم، حاجي صالح ورياھ، الطاف ملوکاڻي، لياقت چانڊيو، زاهد ملوکاڻي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ۾ ايس يو پي، پ پ شھيد ڀٽو، آل زميندار، عوام دوست اتحاد ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي، ڌرڻي سبب تيل ڪمپني جا داخلي ۽ خارجي رستا بند ٿي ويا، جنهن ڪري تيل ڪمپني ۾ داخل ٿيندڙ ۽ نڪرندڙ ٽينڪرن ۽ ٽرالرن جي روانگي بند ٿي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته پنجاب اسان جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ چاهي ٿو، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، هنن چيو ته جيستائين تڪراري ڪئنال منصوبو ختم ڪرڻ جو اعلان نه ڪيو ويندو، ان وقت تائين پنجاب ويندڙ تيل ٽينڪرن ۽ سامان کڻي ايندڙ ٽرالرن ۽ ٻين گاڏين کي وڃڻ نه ڏينداسين ۽ اها رسد بند رهندي، هنن چيو ته هي جياپي جي جنگ آهي، منزل ماڻڻ تائين جاري رهندي.