اسلام آباد: پاڻي وسيلن واري ڊويزن لاءِ 1 کرب، 3 ارب، 47 ڪروڙ 30 لک رپيا رکيا ويا آهن، آبي تحفظ لاءِ 91 ارب رپيا رکيا ويا، پاڻي مان بجلي ٺاهڻ جا منصوبا کان علاه آهن، جن ۾ ديامير ڀاشا ڊيم 23 ارب، مهمد ڊيم 6 ارب، داسو ڊيم لاءِ 8.5 ارب مختص ڪيا ويا، جڏهن ته بجلي منصوبن لاءِ 118 ارب رپيا مختص ڪيا ويا، نيلم جهلم هائڊرو پاور پراجيٽ 14 ارب، داسو هائيڊرو پاور 57 ارب رپيا رکيا ويا، اسلام آباد ۽ لاهور ۾ بجلي جي ٽرانسميشن لائين لاءِ ساڍا 7 ارب رپيا مختص ڪيا ويا. سڪي ڪناري، ڪوهالا هائڊرو پراجيڪٽس کان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ 5.5 ارب، سيڪنڊري ٽرانسميشن لائنز حيدرآباد ۽ سکر لاءِ 12 ارب مختص ڪيا ويا. بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ به رقم رکي وئي، ناڻي وزير شوڪت ترين چيو ته ڄامشورو ۾ ڪوئلي جي مدد سان 1200 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي پراجيڪٽ لاءِ 22 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ڪراچي ۾ ڪي ون ۽ ڪي ٽو منصوبي ۽ تربيلا هائڊرو پاور پراجيڪٽ لاءِ 16.5 ارب رکيا ويا.